محرم الحرام دوران ايمرجنسي لاڳو، نوابشاهه ضلعي ۾ صحت کاتي جي موڪلون رد

نواب شاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند) محرم الحرام جي حرمت ۽ حساسيت کي نظر ۾ رکندي، صحت کاتي سنڌ جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي واضح هدايتن تي ضلعي نوابشاهه سميت سمورن ننڍن وڏن شھرن ۾ صحت کاتي جي عملي جون نائين ۽ 10هين محرم الحرام تي رهندڙ موڪلون رد ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوابشاهه ڊاڪٽر اسدالله ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نوابشاهه ضلعي جي شھرن سڪرنڊ، قاضي احمد، دوڙ، ڄام صاحب،
ٻانڌي ۽ ٻين علائقن ۾ سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ميل نرس اسٽاف پنهنجا فرض بنا ڪنهن موڪل جي انجام ڏيندا. ڊاڪٽر اسدالله ڏاهري وڌيڪ چيو ته عاشور جي رات نوابشاهه شھر جي مختلف علائقن مان نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي رستن تي صحت کاتي پاران ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون وينديون، جتي طبي عملو ايمرجنسي سهولتون فراهم ڪندو.
خاص طور تي حسيني امام بارگاهه وٽ ٿيندڙ باھ جي ماتم دوران زخمي ٿيندڙ عزادارن کي ترت طبي امداد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي سان گڏ ايمبولينسون به مسلسل الرٽ رهنديون، جڏهن ته 1122 ريسڪيو سروس جي گاڏيون به پنهنجي ڊيوٽين تي مقرر ڪيون ويون آهن،
جيڪي ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ترت ڪارروائي لاءِ تيار هونديون. ڊي ايڇ او نوابشاهه ٻڌايو ته 10هين محرم جي ڏينهن جلوسن جي مختلف رستن تي هِيٽ اسٽروڪ ۽ بيهوشي جي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ او آر ايس، ڪيلسي ۽ ٻين ضروري دوائن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٿڌي پاڻي جا انتظام به خاص طور تي عزادارن لاءِ ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر اسدالله ڏاهري جو چوڻ هو ته اسان جو سمورو عملو پنهنجي مذهبي ۽ انساني ذميواري کي سمجهي عوام جي خدمت لاءِ تيار آهي، ته جيئن ڪنهن به عزادار کي طبي مدد کان محروم نه رهڻو پوي.
جُولاءِ 4, 2025