مٺي ويجهو ٽرڪ جي ٽڪر سان عورت فوت، 3 ڄڻا زخمي

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) مٺي لڳ ڳوٺ وڄوٽو ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي نتيجي ۾ هڪ عورت موقعي تي فوت ٿي وئي جڏھن ته 3 ڄڻا زخمي، حادثي بعد فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ 50 ورهين جي زقاني زال گيدم شيدي طور ٿي آھي جڏھن ته زخمين ۾ 24 ورهين جو طالب ولد گيدم شيدي،

 23 ورهين جو هدايت شيدي ۽ 10 ورهين جي شئانه ڌي طالب شيدي شامل آھن فوتي عورت ۽ زخمي ڳوٺ وينجهڻياري جا رهواسي آھن. حادثي بعد سول اسپتال مٺي مان فوتي عورت جو لاش ضروري ڪاررواين کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ٻئي پاسي وڄوٽو پوليس ٽرڪ ڊرائيور سميت پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.

جُولاءِ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو