پاڪستان کي ابراهيمي معاهدي بابت عرب ملڪن سان گڏ هلڻ گهرجي: راڻا ثناءُ الله

Spread the love

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان کي ابراهيمي معاهدي بابت عرب  ملڪن سان گڏ هلڻ گهرجي، هن وقت تائين هن معاملي تي نه ته پارٽي ۽ نه ئي حڪومت پاران ڪا راءِ قائم ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي هي معاملو اڃا تائين بحث هيٺ آيو آهي،

هڪ انٽرويو دوران ابراهيمي معاهدي بابت پنهنجي ذاتي راءِ جو اظهار ڪندي هن چيو ته مدعي سست، گواهه چست  وارو معاملو نه هئڻ گهرجي، فلسطين ۾ تمام گهڻو رت وهيو آهي، هاڻ اتي امن قائم ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن انهيءَ مقصد لاءِ اتي ڪو به يا ڪنهن به قسم جو معاهدو ٿئي، پوءِ ڀلي اهو ابراهيمي معاهدو هجي يا ڪو ٻيو، ته ان تي غور ڪرڻ گھرجي.

جُولاءِ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو