موجودا عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ ورثي ۾ مليل هائبرڊ نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو؟

Spread the love

اسلام آباد(ابصار عالم)”عوامي مفاد“ جو اختيار اسٽيبلشمينٽ حوالي ڪنهن ڪيو؟اهو اختيار آرمي حوالي ڪرڻ لاءِ ججن،جنرلن ۽ صحافين فيصلو ڪيو ته هڪ ٽين سياسي قوت کي ميدان ۾ آڻڻ گھرجي،ان لاءِ سڀ کان پهرين طاهر القادري کي ڪئناڊا مان گهرايو ويو،انٽيليجنس ايجنسين ڪرپشن جو پئسو هلائي قادري کان ڌرڻو هڻرايو،

ان ڌرڻي کانپوءِ يوسف رضا گيلاني وزارت اعظميٰ جي ڪرسي وڃائي ويٺو پوءِ 2013ع  جي اليڪشن بعد نوازشريف عمران خان وٽ ويو ۽ چيو ته مون کي مينڊيٽ مليو آهي، اسان ڪي پي ۾ توهان جي حڪومت ٺاهڻ ڏيون ٿا وفاق ۾ اسان لاءِ رنڊڪون پيدا نه ڪريو،پر جنرلن،ميڊيا هائوسز کي اها ڳالهه نه وڻي،طاهر القادري کي وري گهرائي ڌرڻو هڻايو ويو، عمران خان کي ان ۾ شامل ڪيو ويو،ڌرڻن ۾ جنرل راحيل شريف،جنرل ظهير الاسلام،جنرل طارق،جنرل عاصم سليم باجوا،جنرل آصف غفور،جنرل فيض،

جنرل باجوا ان رستي تي هليا،اهو هڪ گينگ هو جنهن ۾ جج جسٽس(ر)ثاقب نثار،آصف کوسو،عمر عطا بنديال شامل هئا ان گينگ عمران ۽ قادري ذريعي ڌرڻا هڻائي نوازشريف جي حڪومت کي ڪمزور ڪيو،اينڪر عمران رياض ٻڌايو هو ته اسان کي آءِ ايس پي آر ۾ گهرائي سياستدانن جي ڪرپشن جا فائل ڏيکاريا ويندا هئا،

اهي فائل اڄ ڪٿي آهن؟ انهن تي فيصلا ڇو نه ٿيا؟آءِ ايس آءِ جي پٺ تي آمريڪا خلاف جهاد ڪندڙ شهزاد اڪبر مرزا اڄ ڪلهه هڪ مغربي ملڪ ۾ پناهه وٺي ويٺل آهي،اتي ويهي پاڪ فوج خلاف گند پکيڙي رهيو آهي،هائبرڊ نظام خلاف ملڪ اندر رهي به ڳالهائي سگهجي ٿو،اينڪر آفتاب اقبال انڊس ٽي وي جي نالي تي جنرل فيض کان ڪيترا ارب رپيا ورتا؟اڄ اهو به عوامي مفاد جي ڳالهه ڪري ٿو،حالانڪه ماضي ۾ ”عوامي مفاد“ اسٽيبلشمينٽ حوالي ڪرڻ لاءِ پاڻ ٽي وي چئنلن تي ويهي دليل ڏيندو هو،اينڪر معيد پيرزاده دنيا ٽي وي ۾ 3 لک پگهار لاءِ ڪنهن ڪنهن جا پير نه پڪڙيا،

هو آءِ ايس آءِ ۽ آمريڪا جو ايجنٽ بڻجي ويو هو،هن کي گهرواري سميت ٺيڪا ڏنا ويا،اڄ ٻاهرين ملڪ فرار ٿي پاڪ فوج خلاف ڳالهائي رهيو آهي،هن غريبن جا ٻار مارائي ٻاهرين ملڪ ۾ ڊالر ڪمايا، سميع ابراهيم،صابر شاڪر به ٻاهرين ملڪ ويٺل آهن، پي ٽي آءِ سان هن وقت جيڪو ٿي رهيو آهي اهو ماضي ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي سياسي مخالفن سان ڪري چڪي آهي،ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو پر پ پ وارن ته ڪڏهن فوجي ڇانوڻين تي حملا نه ڪيا،انهن ئي اينڪرن جنرل باجوا،جنرل فيض حميد،

ثاقب نثار سان گڏجي هائبرڊ نظام جوڙيو،اهو نظام هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي رڳو چهرا تبديل ٿيا آهن،موجوده عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ کي هي ظالم نظام ورثي ۾ مليو آهي،انهن ان کي رڳو اڳتي وڌايو آهي،پي ٽي آءِ قيادت کي پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ گهرجن،انهن کي اسٽيبلشمينٽ بدران سياسي جماعتن سان ڳالهائي هڪ نئون ميثاق جمهوريت ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ اهو طئي ڪيو وڃي

جُولاءِ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو