خواجا آصف پنهنجي ئي پارٽي کي هائبرڊ نظام جا مهڻا پيو ڏي: حنيف عباسي

اسلام آباد(م ڊ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو آهي ته خواجا آصف عمر ۾ مون کان وڏو آهي، ساڻس نه آئيڊيل لاڳاپا رهيا آهن نه وري آهن، خواجا آصف سان ٻين ماڻهن جي ناراض هجڻ جي مون کي خبر ناهي، خواجا آصف پارٽي جو سينئر اڳواڻ آهي، پنهنجي ئي پارٽي کي هائبرڊ نظام جو مهڻو ڏئي رهيو آهي، هي هائبرڊ نظام ناهي، نه ئي ان کي مڃان ٿو، سمورا فيصلا پارٽي جا آهن،
پگھارن ۾ واڌ جي منظوري ڪابينا ڏيندي آهي، آئون نه ٿو چاهيان ته پگهارون ايتريون وڌايون وڃن جو ان تي سواليا نشان لڳي وڃي، اياز صادق اسان جو اسپيڪر آهي، کيس خيال ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڳالهين لاءِ کليل دل سان اچن ۽ معافي نامو کڻي اچن، سندن معافي نامو به جلد سامهون اچي ويندو، انهن جي معافي بعد ئي ڳالهيون ٿينديون، ڊونلڊ ٽرمپ ان جي عزت ڪندو آهي، جيڪو طاقتور هجي، جهڙي ريت فيلڊ مارشل کي عزت ملي آهي اهڙي ڪنهن کي ناهي ملي.
جُولاءِ 4, 2025