ڀارتي اداڪارا جي موت تي مفتي طارق مسعود جو مسلمانن لاءِ هدايتي پيغام وائرل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا شيفالي زريوالا جيڪا اينٽي ايجنگ انجڪشنز سبب دل جي دوري وگهي فوت ٿي ويئي، ان جي اوچتي لاڏاڻي بابت پاڪستاني مذهبي عالم مفتي طارق مسعود جو بيان سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.
مفتي طارق مسعود پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”هڪ مشهور اداڪارا جنهن دنيا ۾ شهرت ماڻي ڪئي، هڪ لمحي ۾ مٽيءَ ۾ ملي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته جيئن هوءَ هندو هئي، تنهنڪري سندس اگني سنسڪار ڪيو ويو هوندو، جيڪو انسان جي حقيقي انجام کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ماڻهن خاص طور تي هندن کي ان مان عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي.
پر هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهن ان واقعي مان عبرت حاصل جي بدران سندس گيت ۽ فلمون هلائڻ شروع ڪري ڇڏيون، جيڪو فضول آهي.
مفتي طارق مسعود وڌيڪ چيو ته فنڪار پنهنجي ظاهري خوبصورتي تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا، پر موت کانپوءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ٿو ۽ شهرت رک بڻجي وڃي ٿي.
هن سوال ڪيو ته مئي پڄاڻان ماڻهو ڇو نه ٿا ان لاش سان سيلفيون ڪڍن يا ان سان گڏ دفن ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪن؟
هن وڌيڪ چيو ته غير مسلم جي فوت ٿيڻ تي مغفرت جي دعا ڪرڻ اسلامي تعليم جي خلاف آهي ۽ مسلمانن کي گهرجي ته هو اهڙن واقعن تي اسلامي اصولن موجب ئي ردعمل ظاهر ڪن.