آمريڪي صدر ٽرمپ جون تباهه ڪن پاليسيون

Spread the love

اڄ جي دنيا روزانو ڪنهن نه ڪنهن نئين بحران ڏانهن اهڙي ريت ڌڪجي رهي آهي، ڄڻ ته ڪنهن ديوَ جي هٿان هانءُ وٺي ويل هجي، ۽ ان ديوَ جو نالو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ! آمريڪا جي صدارت جو تاج پائڻ کانپوءِ ٽرمپ نه رڳو آمريڪي دستور کي لتاڙي رکيو، پر عالمي امن جي آويءَ ۾ به بارود ڀري ڇڏيا.

مشهور دانشور ۽ آمريڪي نظام جي نقاد نوم چومسڪي، جو چوڻ آهي ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ هر ايندڙ آمريڪي صدر، ڪانگريس جي منظوريءَ کانسواءِ ٻين ملڪن تي حملا ڪيا، پر ٽرمپ انهن سڀني کي مات ڏئي، جنگ جي باهين کي ڄڻ ته پنهنجي صدارت جو نشانو بڻايو. هن جو اصل مقصد ايران جي ايٽمي تنصيبات کي مڪمل تباهه ڪرڻ رهيو، جيڪو بيانيو صرف ايران لاءِ ئي نه، پر ان سان گڏ پاڪستان، افغانستان، ترڪي، ۽ سڄي وچ اوڀر لاءِ به هڪ مهلڪ خطرو بڻجي سگهي پيو. جيڪڏهن اهڙو حملو ٿئي ها، ته شعاعيت (Radiation) جا اثر سرحدن سان ته ڪو واسطو نه رکندا، جيڪي علائقا هزارين ميل پري هجن، سي به ان جي زهر کان محفوظ نه رهي سگهن ها.

ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ وقت، غزه واري پٽيءَ ۾ حماس جي مزاحمت زور وٺي رهي هئي. اسرائيل، پنهنجي ڀرپور فوجي حملا ڪرڻ باوجود، غزه تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هيءَ اسرائيلي ناڪامي، صدر ٽرمپ لاءِ برداشت کان ٻاهر هئي. هن جي رويي مان لڳو ڄڻ ته آمريڪا جي صدارت نه، پر اسرائيلي مفادن جي نگراني جو منصب سنڀاليو هجي.انهيءَ ڪري هن هڪ طرف ته اسرائيل لاءِ فوجي امداد ۾ واڌارو آندو، ته ٻي طرف جڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيل خلاف مذمتي ٺهراءُ ۽ جنگ بنديءَ جون قراردادون پيش ٿيون، ته آمريڪا انهن تي ويٽو هڻي ڇڏي.صدر ٽرمپ جي دور ۾ هڪ ٻيو خطرناڪ قدم اهو به کنيو ويو ته آمريڪي يونيورسٽين ۾ فلسطين جي حق ۾ ٿيندڙ احتجاجن کي دٻايو وڃي. هن هڪ “آپريشن” جي شڪل ۾ اهو سلسلو شروع ڪيو، جنهن جو مقصد هو ته آمريڪي شاگردن ۽ استادن جي اهڙي راءِ کي سختيءَ سان دٻايو وڃي، جيڪي غزه جي حمايت ڪن يا فلسطين سان همدرديءَ جو اظهار ڪن.

اها ڳالهه وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي ته آمريڪي دستور جي پهرين ترميم، آمريڪا جي شهرين کي اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي جي پڪي ضمانت ڏئي ٿي. ساڳئي بنياد تي “علمي آزادي” (Academic Freedom) جي تصور کي آمريڪي يونيورسٽين ۾ مضبوط بنيادن تي استوار ڪيو ويو هو. پر صدر ٽرمپ انهيءَ ئي اصول جي خلاف هلي، هارورڊ ۽ ڪولمبيا جهڙين مشهور يونيورسٽين کي ملندڙ گرانٽون بند ڪيون، جيئن اهي تعليمي ادارا فلسطين جي حمايت ڪندڙن لاءِ پليٽفارم مهيا نه ڪري سگهن.نه صرف ايترو، بلڪه ٻين ڪيترين يونيورسٽين تي به سرڪاري دٻاءُ وڌو ويو ته جيڪي استاد يا شاگرد فلسطين جي حق ۾ آواز بلند ڪن، تن کي ادارن مان ڪڍي ڇڏيو وڃي. ان کان به اڳتي وڌي، غير ملڪي شاگردن جون گرفتارين به شروع ڪيون ويون، جن تي شڪ ظاهر ڪيو ويو ته اهي شايد فلسطيني مزاحمت لاءِ همدردي رکندا آهن.اهڙي حڪمت عملي نه صرف آمريڪا جي جمهوري قدرن سان مذاق هئي، پر علم، اظهار، ۽ آزاديءَ جي روح تي سڌو وار پڻ هو. ٽرمپ جي پاليسين جو اصل نقشو دنيا کي وڌيڪ جنگ، ظلم ۽ ويڇائن طرف وٺي وڃڻ هو، جتي انسانيت جي ڪابه جڳهه نه هجي، ۽ هر اهڙو آواز جيڪو حق، آزادي يا مزاحمت جي ڳالهه ڪري، ان کي دٻايو وڃي.

انهن پاليسين جي نتيجي ۾ آمريڪا جي اندر جو به ماحول ڦٽڻ لڳو. دانشور، اديب، محقق، ۽ پڙهندڙ ماڻهو، جن کي اظهار جي آزاديءَ جي ثقافت تي فخر هو، سي هاڻ پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڳراٽڙي کائي رهيا هئا. ٽرمپ، نه صرف آمريڪا کي اخلاقي لحاظ سان پوئتي ڌڪيو، پر سڄي دنيا ۾ امن جي اميدن کي به مسخ ڪري ڇڏيو. انهن شاگردن کي نه فقط آمريڪي پوليس پاران هراسان ڪيو ويو، پر کين ملڪ بدر ڪرڻ جون ڪوششون به ڪيون ويون. انهن مظلوم شاگردن مان هڪ نالو هو، فلسطيني نسل سان تعلق رکندڙ محمد خليل، جيڪو آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ غزه تي اسرائيلي حملي خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۽ ڌرڻن جو مرڪزي ڪردار بڻيو.

محمد خليل، ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جو شاگرد آهي، ۽ آمريڪا ۾ پرمننٽ رهاڪو (Permanent Resident) جي حيثيت سان رهنمائي ٿو. سندس شادي به هڪ آمريڪي شهري سان ٿي چڪي آهي، پر ان جي باوجود فيڊرل پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو ۽ لڳاتار 104 ڏينهن تائين کيس ڪنسنٽريشن ڪئمپ (Concentration Camp) ۾ قيد رکيو ويو.اهي ڏينهن، محمد خليل جي زندگيءَ جو اذيتناڪ باب هئا. هن ٻڌايو ته کيس اينفورسمنٽ ڪنسنٽريشن ڪئمپ ۾ رکيو ويو، جتي هڪ ئي بيرڪ ۾ 70 قيدين کي واڳون ٻڌي رکيو ويو هو. اتي نه ڏينهن جو فرق محسوس ٿيندو هو، نه رات جو؛ ڇو ته لائٽون لڳاتار ٻريل رهنديون هيون. ڪنهن فرد جي نجيت (Privacy) جو ته تصور به نه هو.آخرڪار جڏهن آمريڪي فيڊرل ڪورٽ محمد خليل جي نظربندي کي غيرقانوني قرار ڏنو، تڏهن کيس آزادي ملي، پر اهي ڏينهن سندس ذهن تي اڄ به هڪ اڻ مٽ نشان وانگر ثبت ٿي ويا آهن.

صدر ٽرمپ جي حڪومتي حڪمن موجب، سالن کان آباد غير ملڪي ايمِگرنٽس کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو. آمريڪا مان ايندڙ رپورٽن موجب، فيڊرل پوليس ماڻهن کي سڌو سنئون رستن تان کنڀي، کنسنٽريشن ڪئمپن ۾ اماڻڻ لڳي.هيءَ رياست، جيڪا تاريخي طور تي مهاجرن جي سرزمين رهي آهي، هاڻ پنهنجي ئي روايتن کي لتاڙي رهي هئي. جڏهن هڪ چرچ جي خاتون پادريءَ، انهن انسانيت سوز عملن تي تنقيد ڪندي، غير ملڪي رهواسين جي جبري ملڪ بدريءَ کي غير انساني عمل قرار ڏنو، ته صدر ٽرمپ، بجاءِ شرم محسوس ڪرڻ جي، پادريءَ جي واٽ جي بدران سڄي آمريڪي ميڊيا آڏو سندس توهين ڪئي.

ساڳئي وقت، ڏکڻ آفريڪا، اسرائيل جي غزه ۾ جاري ظلم ۽ فلسطيني عوام جي نسلي نسل ڪشي خلاف، عالمي عدالت انصاف (International Court of Justice) ۾ ڪيس داخل ڪيو. عدالت ڪيترن ئي مهينن تائين ٻڌڻي ڪرڻ بعد، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي جنگي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏنو ۽ سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا.پر اسرائيل ۽ آمريڪا ٻنهي، عدالتي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٽرمپ جي اها ريت ئي ناهي ته هو پنهنجن اتحادي مجرمن جي خلاف ڪنهن قانون کي مڃي. ان جي ڪاوڙ ايتري وڌي وئي، جو هن عالمي عدالت جي ٽيئي خاتون ججن جي گرفتاريءَ جا به حڪم جاري ڪري ڇڏيا.صدر ٽرمپ، اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ هڪ خطرناڪ منصوبي جو اعلان ڪيو. ان تحت، فلسطيني شهرين کي چيو ويو ته هو غزه خالي ڪن، جتي هو هائوسنگ سوسائٽيون ۽ ٽورسٽ ريزورٽس تعمير ڪرائڻ چاهين ٿا.

اهڙي منصوبي تي عملدرآمد ٿيڻ جي صورت ۾، فلسطيني هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ئي وطن مان جلاوطن ٿي بي گهر بڻجي ويندا. اهي ماڻهو، جيڪي اڳ ئي اڌ صدي کان وڌيڪ وقت تائين تڪليفون ڀوڳي چڪا آهن، هاڻ وري پناهه جي تلاش ۾ دربدر ٿيندا.ڪجهه آمريڪي اخبارن لکي ڇڏيو ته صدر ٽرمپ جو داماد ريل اسٽيٽ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي، ۽ غزه کي سياحت جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ واري خيال پٺيان به، انسانيت جي نه پر نفعه خوريءَ جي سوچ آهي. هنن ڪجهه سال اڳ غزه جو دورو ڪيو هو، ۽ هاڻ صدر ٽرمپ پنهنجي داماد جي تجويز ڪيل منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ لکين انسانن کي قربان ڪرڻ چاهين ٿا. اها سازش رڳو هڪ خواب نه رهي، بلڪه اسرائيل جي هڪ اهم اخبار اهڙي خفيه معاهدي جون تفصيلون به ظاهر ڪيون، جيڪو صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي وچ ۾ طئي ٿيو هو.

ان معاهدي تحت، غزه کي ٽي عرب ملڪ گڏجي نگرانيءَ هيٺ وٺندا، ۽ ان علائقي مان حماس جي حامي سمورن ماڻهن کي ڪڍي ڇڏيو ويندو. دنيا جي تاريخ ۾ ان کان وڌيڪ غيرانساني، نسل ڪشيءَ واري منصوبي جي شايد ئي ڪا ٻي مثال ملي سگهي.صدر ٽرمپ جي اقتدار سنڀالڻ سان گڏ، ڪيترن ئي اهم آمريڪي ادارن کي بند ڪرڻ جو به حڪم جاري ٿيو. انهن ادارن ۾ يو ايس ايڊ (USAID) به شامل هو، جيڪو تعليم، صحت، صاف پاڻي، ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان عالمي سطح تي سوين اهم منصوبن جي مالي مدد ڪندو رهيو هو.يو ايس ايڊ جي بند ٿيڻ سان پاڪستان سميت ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن ۾ جاري انسان دوست پروجيڪٽ متاثر ٿيا. خاص طور تي پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 30 منصوبن تي ڪم هلندڙ هو، جن جي بند ٿيڻ سبب جیکب آباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ صاف پاڻي جا پلانٽ بند ٿي ويا. ڪيترن ئي اسپتالن ۽ اسڪولن کي ملندڙ مالي مدد به ختم ڪئي وئي، جنهن جا نتيجا هزارين غريب ماڻهن جي صحت، تعليم ۽ زندگيءَ تي سڌو اثر ڇڏڻ لڳا.

هاڻ ته آمريڪا جي اسلام آباد ۾ قائم سفارتخاني به تعليمي ويزا لاءِ درخواست ڏيندڙ شاگردن کي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي ته پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس کولين. جيڪڏهن ڪنهن طالب علم جي پوسٽ ۾ غزه بابت آمريڪي يا اسرائيلي ظلم جي ذڪر جي نشاندهي ٿي، ته پوءِ ويزا ملڻ جي اميد تقريبن ختم ٿي وڃي ٿي.اها رڳو سفارتي سختي نه، پر اظهار جي آزاديءَ تي سڌو حملو آهي، جتي هڪ شاگرد، رڳو انساني همدرديءَ جو اظهار ڪري، پنهنجي تعليمي مستقبل تان هٿ ڌوئي سگهي ٿو.

صدر ٽرمپ پنهنجي نسلي ۽ سياسي دشمنيءَ کي به انتهائن تائين وٺي ويو. هن نيويارڪ جي ميئر لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار ظهراني کي “ڪميونسٽ چريو” قرار ڏيندي، هڪ دفعو ٻيهر ايشيائي ۽ آفريقي نسل جي ماڻهن خلاف زهر اگلڻ شروع ڪيو.نسلي تعصب جو اهو وهڪرو رڳو زباني حملن تائين محدود نه رهيو، بلڪه عملي طور تي به ان جا اثر سامهون اچڻ لڳا.

هڪ رپورٽ مطابق، يو ايس ايڊ تحت سڄي دنيا جي مختلف حصن ۾ “ٽي بي” جي خاتمي لاءِ هلندڙ طبي منصوبا پڻ بند ڪيا ويا. اهي منصوبا، خاص ڪري غريب ۽ لاچار طبقي لاءِ زندگيءَ ۽ موت جي وچ واري حد تي بيٺل اميد هئا، جيڪي هاڻ سياسي تعصب جي باهين ۾ سڙي ختم ٿي ويا آهن.صدر ٽرمپ جي پاليسين جو نچوڙ رڳو ايترو ناهي ته هو آمريڪا کي پنهنجي مفادن جي حساب سان جهڪي ٿو، پر هو دنيا کي به هڪ اهڙي طرف وٺي وڃڻ ٿو چاهي، جتي انساني قدرن جي ڪا به اهميت نه رهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، واپاري پاليسين جي محاذ تي به نئون محاذ کوليو ـ ۽ تجارتي جنگ کي اهڙي روپ ڏنو، جيڪا عالمي معاشي توازن لاءِ تباهيءَ جو ٻيو نالو بڻجي وئي. هن مختلف ملڪن جي برآمدات تي ٽيرف وڌائي، بين الاقوامي واپار کي سياسي اوزار بڻايو.

ان پاليسيءَ جا سڀ کان وڏا متاثر اهي ملڪ ٿيا، جيڪي آمريڪا جي طاقتور نظام آڏو سوديبازيءَ جي حيثيت نٿا رکن، جيئن پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا. انهن ملڪن جي معيشت اڳ ئي وڌندڙ قرضن ۽ اندروني بحرانن سبب نازڪ هئي، ۽ هاڻ آمريڪا جي واپاري دٻاءَ ان نازڪ صورتحال کي ويتر ڳنڀير بڻائي ڇڏيو.ٻئي طرف، چين ۽ ڀارت، جن جو شمار هاڻ دنيا جي وڏن صنعتي ملڪن ۾ ٿئي ٿو، انهن پنهنجي طاقت، آبادي، ۽ اقتصادي سگهه جي بنياد تي آمريڪا کي مجبور ڪيو ته هو انهن جي شرطن تي ٽيرف گهٽائي.صدر ٽرمپ جي پاليسين جا تضاد ان وقت وڌيڪ نمايان ٿيا، جڏهن هن اعلان ڪيو ته هو روس ۽ يوڪرين جي وچ واري جنگ ختم ڪرائيندو. اهو ئي سبب هو جو يوڪرين، ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو.

ساڳئي طريقي سان، هن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري تڪرار کي روڪڻ جو به ڪريڊٽ ورتو. ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿي به وئي، پر حقيقت اها آهي ته صدر ٽرمپ، وزيراعظم نريندر موديءَ کي واشنگٽن ۾ پاڪستان سان ڳالهين تي رضامند نه ڪرائي سگهيو.

نتيجي طور، پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ اهڙو ئي تناءُ موجود رهيو، جهڙو مئي جي مهيني ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو. ٽرمپ جا اهڙا دعويٰ ظاهر ڪن ٿا ته هو عالمي صلح جو اميدوار ته پاڻ کي پيش ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ سندس پاليسيون نفعي، اثررسوخ ۽ تسلط جي بنياد تي هلن ٿيون.صدر ٽرمپ، نئين لبرل ازم جو اونداهو چهرو آهي. اهو ئي نئون لبرل ازم آهي، جيڪو هاڻ عالمي سرمائيداريءَ جي نئين شڪل سان سامراجيت جي ٻي صورت بڻجي چڪو آهي.

نئون لبرل ازم، دولت جي مرڪزي جمع، حڪومتي خرچن ۾ ڪٽوتي، سماجي رياست جي خاتمي، ۽ بازار کي مذهبي درجي تي فائز ڪرڻ جي نظريي تي ٻڌل آهي. ان جو مقصد اهو ناهي ته ترقي ٿيندي، بلڪه سرمائيدار ملڪن کي وڌيڪ طاقتور ۽ ترقي پذير ملڪن کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو وڃي.اڄ جڏهن دنيا معاشي بحرانن، جنگي ڇڪتاڻن، ۽ اخلاقي انتشار جي ور چڙهيل آهي، ته اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي حڪومت کي پنهنجي پاليسين جو نئون جائزو وٺڻ گهرجي.هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان عالمي پاليسين جي ان اندي وڏي مان ٻاهر نڪري، پنهنجن قومي مفادن، ترقيءَ جي حقيقي ماڊل، ۽ خودمختياريءَ تي ٻڌل حڪمت عملين ڏانهن موٽي.جيڪڏهن اسان ساڳئي اقتصادي حڪمت عملين ۽ عالمي دباءَ هيٺ هلندا رهياسين، ته نه رڳو اسان جي معاشي خودمختياري خطري ۾ پوندي، پر اسان جي قومي سلامتي، تعليم، صحت، ۽ انساني ترقيءَ جا سڀ خواب ريت ۾ لکي ڇڏيا ويندا.

جُولاءِ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو