مٺي: سنڀو مل هميراڻي جي 22هين ورسي، ٿر جي کاھوڙي ڪردار کي ڀيٽا، جدوجهد ۽ خدمتن کي ياد ڪيو ويو

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) ٿر جي کاھوڙي ڪردار سنڀو مل ھميراڻي جي 22 ھين ورسي مٺي ۾ ملھائي وئي، خبر موجب: مٺي  ۾ ٿر ٿنڪرز فورم پاران ٿر جي کاھوڙي ڪردار سنڀو مل ھميراڻي جي 22 ھين ورسي تقريب ٿي، جنھن ۾ ٿر جي سڄاڻ ڌرين ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي معصوم ٿري چيو ته سنڀو مل ھميراڻي ترقي پسند شخصيت هو، ھو ڏاڍن لاءِ للڪار ۽ غريبن جو ساٿي رهيو، آمريت واري دور ۾ ھن ٿر جي ھارين لاء وڏي جدوجهد ڪئي، اھڙا ڪردار تاريخ ۾ زنده رھندا.

ڀارو مل امراڻي چيو ته سنڀو مل جون سماجي ڪمن سان گڏ تعليم ۽ ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن، سندس ڪردار اتساهيندڙ آهي، سنڀو جو خاندان تعليم ۽ سماجي ڀلائي جي لحاظ کان مشهور آهي، ھن چيو ته سنڀو ھميراڻي جو چاچو پنهون هميراڻي ورهاڱي کان اڳ ٿر ۾ هريجن اسڪول کوليا. ڪرشن شرما تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڀو مل ھميراڻي جھڙا ڪردار ورلي پيدا ٿيندا آھن،

جن پنھنجي زندگي ماڻھن جي خدمت ڪندي وقف ڪئي، هن چيو ته سنڀو هڪ باغي ڪردار هو، جنهن پنهنجي دور ۾ هر قسم جي متڀيد خلاف بغاوت ڪئي، ان موقعي تي وڪيل ڀورو مل ڪولهي، جھامن جان،  آڪاش ھميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سائين سنڀو مل ھميراڻي ٿر ۽ ٿر جي ماڻهن جي حقن لاءِ ان وقت جدوجهد ڪئي جڏھن وسيلا تمام گھٽ ھئا،

 ھن ڏکين حالتن ۾ رھندي ٿر جي مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪئي، سندس ڪردار کي ڪڏھن وساري نٿو سگهجي، پروگرام ۾ پروفيسر ڀيم راج، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر ديال صحرائي، ديدار ڀيل، چندر آسواڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سنڀو ھميراڻي جي فرزند استاد ۽ سماجي اڳواڻ آڪاش هميراڻي جي ٿر ۾ کنوڻن جي واقعن تي ٺهيل ڊاڪيومينٽري فلم “ڏکارا ٿري” جي به اسڪريننگ ڪئي وئي.

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو