مٺي: مشهور مبينا وياج خور پريم مهيشوري گرفتار، ڳوٺاڻي سان سون ڦٻائڻ، فراڊ ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) مٺي جي مبينا نامي گرامي وياج خور پريم مهيشوري مٿان ڳوٺاڻي جو سون ڦٻائڻ جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آھي، مٺي ٿاڻي تي ڳوٺاڻي ديو سنگھ ولد رتن سنگھ ٺڪر جي فرياد تي سون جي منڊي ۽ ٻيو سامان وياج تي رکي لکين روپيا وياج وٺڻ بعد سونا زيور واپس نه ڪرڻ خلاف مٺي جي مشهور مبينا وياج خور پريم مهيشوري مٿس فراڊ،

 موتمار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ وياج جو غيرقانوني ڪاروبار ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري وياج خور کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل وياج خور ٿر ۾ ڪيترن ئي ماڻھن سان وياج جي غيرقانوني عمل ۾ فراڊ ڪيا آھن ۽ غريب ماڻھن پاران سامان واپس ڪرڻ تي انهن کي ڌمڪيون پڻ ڏيندو رهيو آھي جنهن ڪري ڳوٺاڻا تنگ ٿي دانهون به ڪندا رهيا آھن. مٺي پوليس ڳوٺاڻن جي فرياد تي وياج خور کي گرفتار ڪيو آھي.

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو