”ماهه رنگ جي مقبوليت قوم پرستن لاءِ وڏو چئلينج آهي“

Spread the love

ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)نيشنل پارٽي جي  سينيٽر جان محمد بليدي چيو آهي ته  ماه رنگ بلوچ جي مقبوليت قوم پرست سياسي ڌرين لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي رهي آهي. سندس پرامن جدوجهد ۽ عوامي حمايت سياسي نقشي کي بدلائي رهي آهي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته وفاق ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ان ڪري آهي  ته وفاق وسيلن تي ڪنٽرول رکي ٿو،

جڏهن ته بلوچ عوام کي نظرانداز ڪيو ويو آهي،هن چيو ته مائنز اينڊ منرلز بل تي نيشنل پارٽي ۽ لشڪري رئيساڻي جي راءِ ملندڙ جلندڙ آهي  يعني بلوچستان جي حقن لاءِ گڏيل موقف آهي،ان بل خلاف اسان ۽ رئيساڻي  عدالت ۾ وينداسين،اختر مينگل ۽ ماهه رنگ بلوچ جيڪا به سياسي تحريڪ هلائين ٿا ته اسان انهن جي حمايت ڪندا آهيون،

ماه رنگ جي جدوجهد کي اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل آهي،هن سياست ۾ سخت موقف رکيو آهي هن کي آئين کان هٽي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي،،ماڻهن ۾ مايوسي آهي،جمهوري سطح تي مسئلن جو حل نه پيو نڪري ،هن چيو ته بلوچ نوجوانن ۾ ڪاوڙ جا بنيادي سبب موجود آهن،هڪ سياسي ۽ معاشي به آهن،انهن جي مطالبن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، اهي سمجهن ٿا ته اسان پاڪستان ۾ برابر جا شهري ناهيون، هن چيو ته بلوچستان جا جيڪي به مسئلا آهن اهي اسان سياسي طور تي حل ڪرڻ چاهيون ٿا،سياسي جماعتن لاءِ رستا سوڙها ڪيا ويا آهن،سنڌ ۽ ڪي پي جي قوم پرستن جو اتحاد اڻٽر آهي،

جيڪڏهن اهي اتحاد نه ڪندا ته پنهنجو نقصان ڪندا،بلوچستان ۾ مائنز اينڊ منرلز بل ۾ اسان سان دوکو ڪيو ويو،اسيمبلي ۾ پ پ ۽ ن ليگ پنهنجي ڏڍ تي ڪا به قانون سازي ڪري سگهن ٿيون،ٻنهي پارٽين ۾ اڍائي اڍائي سال حڪومت ڪرڻ جو معاهدو ٿيل آهي،نيشنل پارٽي حڪومت  ۾ شامل نه ٿيندي،نه ئي ڊاڪٽر مالڪ بلوچ وڏوزارت جو عهدو قبول ڪندو،هن چيو ته جڏهن نئين اليڪشن ٿيندي،اسيمبلي ۾ سياسي ماڻهو ايندا ته پوءِ بلوچستان مسئلن جي حل جي ڪوشش ڪئي ويندي،

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو