گنڊاپور ۽ عليما تي پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ تنقيد

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ گرفتار اڳواڻن جي خط جي حمايت ڪئي وئي، جڏهن ته پارٽي جي اڳواڻن ڳالهين تي زور ڏيندي، اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي قيادت سان ڳالهيون ڪرڻ تي اسرار ڪيو، اجلاس دوران ڪجهه اڳواڻن خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ تي تنقيد ڪئي ۽ ڪجهه اڳواڻن عليمه خان جي سياست ۾ مداخلت جي مخالفت پڻ ڪئي،
علي محمد خان پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا کي محدود ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا کي رڳو پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، علي امين گنڊاپور کي بجيٽ کان اڳ باني سان ملاقات لاءِ وڃڻ گھرجي ها، هن عليمه خان جي سياسي عمل ۾ مداخلت جي مخالفت ڪندي چيو ته سياست رڳو چونڊيل نمائندن جو ڪم آهي ۽ غير منتخب ماڻهن کي ان ۾ شامل نه ٿيڻ گھرجي.
جُولاءِ 3, 2025