نوابشاهه: نوجوان سڌير احمد رند جو والد سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاج، اغوا، حراسانگي ۽ ڦر خلاف امجد خاصخيلي تي ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

نوابشاه( رپورٽ :عبدالفتاح رند) تاج ڪالوني نوابشاهه جي رھواسي سڌير احمد رند پنهنجي والد گل مير عرف الله مير رند سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته سٺ ميل جي ڳوٺ وريل شاهه جي رهواسي امجد علي خاصخيلي ٻنا سبب حراسان ڪري رهيو آهي

 ھن چيو ته 7 ڏينهن اڳ ڪراچي مان گهمڻ ويس جتي امجد علي خاصخيلي ڪار ۾ سوار ٽن نامعلوم ماڻهن معرفت مونکي زبردستي ڪار ۾ ويهاري اکين تي پٽي ٻڌي ڪنھن اڻڄاتل هنڌ بند ڪمري ۾ يرغمال بڻائي مونکي نشي آور شي پياري بيهوش ڪيو ويو منهنجي آزادي لاءِ روڪ رقم جي گهر ڪندا رهيا ۽ مونکي ذهني اذيتون ڏيئي پنجويهه هزار روڪ ٽچ موبائل ۽ شناختي ڪارڊ ڦري بيهوشي جي حالت ۾ گڏاپ ٿاڻي جي حد ۾ ڦٽو ڪري ويا جتي گڏاپ پوليس منھنجي مدد ڪئي ۽ منهنجي مائٽ اطلاع ڏنو ويو هن چيو ته سڄي معاملي جي جاچ ڪرائي امجد علي خاصخيلي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

جُولاءِ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو