مٺي: ڳوٺ ڇهو سوٽھڙ جي رهواسين جو زمين تي قبضي ۽ موتمار ڌمڪين خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) ڳوٺ ڇهو سوٽھڙ جي رهواسين ڪيولرام مينگهواڙ، ارجڻ، لڌو، سانوڻ ۽ ٻين پريس ڪلب مٺي اڳيان احتجاج ڪندي چيو آھي ته اسان جي زمين جيڪا ڪيولرام جي نالي آھي جيڪا 30 سالن کان آباد ڪري رهيا آھيون

جنهن جو اڳ راڄوڻي فيصلو ٿيل به آھي پر هينئر وري نيمراج اسان جي پوکيل زمين مٿان پنهنجي طرفان پوکائي ڪرائي ته اسان جي منهن ماري ٿي جنهن بعد نيمراج پاران اسان تي پوليس چڙھائي ڪرائي وئي جنهن تي اسان پيش پڻ ٿياسين.

ڪالهه هڪ دفعو ٻيهر نيمراج جي ڌر پاران حملو ڪري اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏنيون آھن. هنن مطالبو ڪيو ته اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪن.

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو