ميمڻ ڳوٺ جو رحماني پاڙو گندگيءَ جي ور چڙهيل، برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ سبب رهواسين جو احتجاج
ملير(ڊر ) ميمڻ ڳوٺ جو رحماني پاڙو هڪ هفتو گذرڻ باوجود گندگيء جي ور چڙهيل برساتن جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو علائقي واسين عبدالرشید ميمڻ وسيم ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته گڏاپ ٽائون انتظاميا پاران بار بار شڪايتن جي باوجود صفائي جي نظام کي بهتر نه بڻائي سگهي آهي جديد دور ۾ به گٽرن جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ اعلي انتظاميا کي منٿون ايلاز ڪرڻيون پونديون آهن
ڪراچي شهر جو حصو باوجود صفائي جو بهتر نظام نه ملي سگهيو آهي جڏهن ته رهائشي علائقن جي روڊن جي حالت رحم جوڳي آهي گندگيء سبب مختلف موذي مرض تيزي سان پکڙجي رهيا آهن ميئر ڪراچي توڙي ڊپٽي ميئر فقط شهري علائقن جي حد تائين موجود آهن جڏهن ته ٻهراڙين جا علائقا جديد دور ۾ به احساس محرومي جو شڪار ٿي ويا آهن ضلعي انتظاميا توڙي ٽائون انتظاميا نوٽيس وٺي صفائي جو نظام بهتر ڪري شهرين کي رليف فراهم ڪري
جُولاءِ 1, 2025