سکر: تاريخي مسيت وارو ماتمي جلوس روايتي شان سان برآمد، هزارين عزادارن جي شرڪت، سخت سيڪيورٽي انتظامات
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) پراڻو سکر جو قديمي ۽ تاريخي مسيت وارو ماتم جلوس لال مڪان واري پڙ کان ياحسين ياحسين جي صدائن ۾ برآمد ٿيو۔ان سلسلي ۾ پراڻو سکر مان سوين سال پراڻو مسيت وارو ماتم روايتي روٽ لال مڪان تان برپا ٿي معصومي امام بارگاھ، ميرڪي گهٽي، بکر چوڪ، موسوي پاڙو، جنات بلڊنگ، معصومي محلا، مرڪزي جامع مسجد حيدري، خداداد روڊ، جيئي شاهه چوڪ کان ٿيندو ڏتل شاھ قبرستان وٽ رات جو دير سان نهر ٿيو۔
ماتمي جلوس ۾ روهڙي، گهوٽڪي، خيرپور، شڪاپور سميت ٻين ضلعن جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان هزارين عزادار شريڪ هئا۔ماتمي جلوس جي روٽن تي طبي ڪئمپون، ٿڌي ۽ مٺي پاڻي جون سبيلون لڳايون ويون هيون جڏهن ته سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا
هڪ هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر، ليڊيز ۽ مرد اهلڪار سيڪيورٽيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا ماتمي جلوس جي سيڪيورٽيءَ لاءِ رينجرز جي اهلڪارن کي به مقرر ڪيو ويو هو سيڪورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي جلوس ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ھڪ ۽ ٻاھر نڪرڻ لاءِ 3 رستا ٺاھيا ويا هئا ماتمي جلوس ۾ داخل ٿيندڙ عزدارن لاءِ واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا هيا ۽ واڪ ٿرو گيٽن مان گذرندڙ عزادارن جي سيڪيورٽي لاءِ بيٺل پوليس، رينجرس اهلڪار ۽ رضاڪار تلاشي وٺڻ بعد ماتمي جلوس ۾ ڇڏيو پئي ويو۔ ماتمي جلوس جي سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي به نگراني ڪئي وئي
ڪنھن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منھن ڏيڻ جي لاءِ جلوس جي گذر وارن رستن ۾ عمارتن جي ڇتين تي پوليس ۽ رينجرز جا ماھر نشاني باز بيهاريا ويا هئا۔آخر ۾ مومنين ۾ نياز پڻ تقسيم ڪيو ويو۔
جُولاءِ 1, 2025