مخصوص سيٽون ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ کي وٺڻ گهرجن ها؟

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس)سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کانپوءِ اهي سيٽون پي ٽي آءِ جون هيون يا نه هيون ان کي پاسي تي رکي اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا اهي سيٽون پ پ،ن ليگ ۽ جي يو آءِ ۾ ورهائي سگهجن ٿيون؟اهي سيٽون انهن پارٽين کي وٺڻ گهرجن؟جمهوريت لاءِ ڪهڙا معيار قائم ڪيا پيا وڃن،ان فيصلي جا سياسي نظام تي ڪهڙا اثر پوندا،ن ليگ کي جڏهن به ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ان بعد ملڪ ۽ ان جي ادارن جو ڪهڙو حشر ٿيو،

ماضي ۾ اهڙي اڪثريت رکندڙ وزيراعظم سان هن ملڪ ۾ سٺو نه ٿيو،ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت تي حڪومت ۽ ان جا طلبچي به وڏا خوش آهن،اها خوشي واري ڳالهه آهي يا پريشاني جي ڳالهه؟ٻين پارٽين پي ٽي آءِ جي مخصوص سيٽن مان حصو پتي وٺي جمهوريت لاءِ سٺو تاثر ناهي ويهاريو،

اليڪشن ڪمشنر کي اهي سيٽون خالي رکڻ گهرجن ها،ٻئي پاسي چوڌري نثار سان وزيراعظم جي اوچتي ملاقات لاءِ چيو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي اها ملاقات ٿي آهي ڇو ته اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته اسان عمران خان کي جيل ۾ رکي،آئيني ترميمون ڪرائي هن حڪومت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي،ڀارت سان جنگ ۽ دنيا ۾ سفارتي محاذ تي به پاڪستان کي وڏي ڪاميابي ڏياري ڇڏي آهي

هاڻي سياسي طور تي ميدان تي حڪومت کي کيڏڻو آهي ان ڪري هيوي ويٽ حڪمران جماعت ۾ شامل ڪري عمران خان جي بيانئي جو مقابلو ڪيو وڃي،اسٽيبلشمينٽ اڃا به سمجهي ٿي ته حڪومت جي عوام ۾ ساک بحال ناهي ٿي،هر ڀيري فوج جو ڪلهو استعمال نه ٿيڻ گهرجي،

چوڌري نثار جو جهيڙو ته نوازشريف ۽ مريم نواز سان هو،پارٽي ۾ خواجا آصف،عرفان صديقي،پرويز رشيد به چوڌري نثار جا مخالف رهيا آهن،چوڌري نثار واپس آيو ته ڇا پارٽي ۾ ساڳيو مقام ملندو؟

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو