ديدار حُسين سمون: سنڌ جي سُريلي راڳيءَ جو وڇوڙو
15 فيبروري 2015ع تي جڏهن سڄو رتوديرو سوڳ ۾ آهي ۽ اڌ کان وڌيڪ بازار بند آهي، سوين ڪلهن تي سنڌ جي ٻهڳڻي شاعرَ، مقصود گل جو مڙهه، قاضي عبدالحيّ پاڙي، پراڻي عيد گاهه گھٽيءَ ۾ سندس گھرَ ــ ’المنظر‘ کان نئِين عيد گاهه ۽ مبارڪ شاهه قبرستان ڏانهن سندس آخري سفر تي روان دوان آهي، ته ڪڏهن غمدل فقير جو پوٽو مظفر علي دايو، پنهنجي صُوفي ساٿين سان مقصود جو ڪلام ”مُون ڏي رنگَ رتولَ کڻي آ… جذبن جا ڪي جھولَ کڻي آ…“ جھونگاري سوڳ واري ماحول کي ويتر اداس ٿو ڪري ڇڏي، ته ڪڏهن ڪو نعت خوان مقصود گل جي نعت ”اُمنگَ دل جا عظيم ٿي ويا، بلنديُن تي نصيب آيو… گُناهَه ميٽڻ غرِيبڙن جا، هلِي خدا جو حبيب آيو…“ پڙهِي ٿو قافلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي. ايتري ۾ اوچتو هڪ نفيس آواز ۾ رِيجھل شاهه جو ڪلام ٿو گُونجي: ”آيا ڪِينَ مارُو وساريون وطن کي… الائي ڇو اباڻن پاڙيو ناهه سُخن کي…“ ته ان سوڳوار ماحول ۾ اچانڪ اوڇنگارُون گُونجن ٿيون. اهو پُر سوز آواز ٻئي ڪنهن جو نه پر ’مقصود گل جي راڳيءَ‘ ۽ سنڌ جي سيبتي ڪلاڪارَ ديدار حسين سمي جو هو، جنهن ”تنهنجي نظر ۾ آهي شاهي شراب خانو…“ ۽ ”سُونهن تُنهنجِي ڏسِي سوچَ سجدو ڪيو… عشقَ لاتو ڳلي پيارَ پنهنجو ڪيو“ سميت مقصود گل صاحب جا اڻ ڳڻيا غزل ۽ گيت ڳايا. اهو ئي نفيس شخصت جو مالڪ، سدائين خوش لباس رهندڙ، هر سِٽَ جي هر لفظ کي ان جي حق موجب ادا ڪري ڳائيندڙ سنڌ جو سهڻو ۽ سيبتو راڳي، ديدار حسين سمون، مهينو کن اڳ 9 جون 2025ع تي سکر ۾ هي فاني جهان ڇڏي راههِ رباني وٺي روانو ٿيو.
رتيديري جا ٻه راڳي اهڙا هئا، جن جي سڃاڻ جي سفر ۾ سنڌ جي ٻهڳڻي شاعرَ مقصود گل صاحب جو وڏو ڪردار رهيو، هڪ ديدار حسين سمون ۽ ٻيو سندس ئي عزيز ۽ جونيئر غلام شبير سمون، جيڪي ٻئي ڌار ڌار ڏِسائن ۾ سنگيت جي دنيا ۾ مڃتا ماڻي مقبول ٿيا. ديدار حسين سمون سنڌيءَ کان وڌيڪ اردو، بلوچي، براهوي ۽ پنجابي گيتن ڳائڻ ۽ ڪوئيٽه ٽيليويزن ۽ ريڊيو سميت لاهور تان پرفارم ڪرڻ سبب پوري پاڪستان ۾ گھڻَ ٻوليائي راڳيءَ طور شهرت ماڻي. اسان جڏهن هوش سنڀاليو ته پنهنجي پاڙيسري مڱڻهارن کي پنهنجي هر خوشي وڌائڻ ۾ پيش پيش ڏٺوسي. جن جا گھرَ ”سَمَن جِي امام بارگاهه“ لڳ اسانجي پاڙي ۾ هئا. ڪاڪو جعفر مڱڻهار، دُهلَ تي پنهنجي ڪنهن گھر ڀاتي شرناءِ نواز سان اسانجي توڙي ٻين شهر واسين جي هر خوشيءَ ۾ شامل هوندو هو. اڳتي هلي اهو شرناءِ وڄائڻ جو ڪم سندس پٽُ عبدالستار انجام ڏيڻ لڳو. ساڳئي ڪِرتَ غلام شبير سمي جو والد خان محمّد فقير (خانڻ فقير) پنهنجي پِيريءَ تائين انجام ڏيندو رهيو. ڪاڪي جعفر مڱڻهار جي عَلم لڳل گھر کان ڪجھه ئي گھر ڇڏي چئن پنجن ڏاڪَن سان ديدار جو گھر هوندو هو. جنهنجي ٻاهران سندس نالي جِي تختِي (نيم پليٽ) هر ايندڙ ويندڙ جو آڌر ڀاءُ ڪندي هئي، جنهن تي لکيل هوندو هو: ”ديدار حسين سمون ــ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج فنڪار“
مون يادن جي ڳڙکيءَ مان پوئتي نهاري اهو سوچيو پئي ته مُون ديدار کي پهريون ڀيرو ڪڏهن ڏٺو!؟ ته مونکي اهي ڏينهن ياد پيا، جڏهن 23 جولاءِ 1989ع تي ڏاڏي سائينءَ ــ قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي وفات کي چاليهه ڏينهن ٿيڻ وارا هئا ۽ سندس چاليهي (چهلم) واري ڏينهن هڪ ادبي نشست جو سٽاءُ سِٽيو پئي ويو ۽ ان جي تياريءَ جي سلسلي ۾ اسانجي گھر سان ملحق مهمان خاني (اوطاق) ۾ روز سانجھيءَ پُڄاڻان نه رڳو ان تقريب جي ترتيب فائنل ٿيندي هئي، بلڪه ان ۾ ڪير ڪير قائل صاحب جو ڪهڙو ڪلام پڙهندو، ان جي ريهرسل به ٿيندي هئي. ديدار حسين سمون روز ان ريهرسل ۾ شريڪ ٿيندو هو، جنهن جي ذمي ان تعزيتي ريفرنس ۾ ڏاڏي سائينءَ جا ٻه ڪلامَ ترنم ۾ پڙهڻ جو ذمو رکيو ويو هو.
مونکي ياد آهي ته ديدار حسين پنهنجي خوش پوش شخصيت جي ڪري انهن ريهرسلس جي غير رسمي سيشنس ۾ به روزانو سيرب ٺاهي، انتهائي نفيس ڪپڙا پائي، ان جوڙي سان ميچنگ تي صَدري (ويسٽ ڪوٽ) پائي اِيئن ايندو هو، ڄڻ اها تقريب اڄ رٿيل هجي. پهرين سيپٽمبر 1989ع تي جنهن شام گرلس ووڪيشنل اسڪول جي اڱڻ تي اها تقريب منعقد ٿي، ان ڏينهن تي ديدارُ، ڄمُون رنگ جا ڪپڙا ۽ ان ئي رنگ جِي بَخمل (ويلوِٽ) جي واسڪوٽي پائي شريڪ ٿيو هو ۽ ان يادگار تعزيتي تقريب ۾ ”قائل“ صاحب جو يادگار ڪلام پنهنجي بيحد حسين انداز ۾ ڳائي داد وصول ڪيو هئائين. ان تعزيتي ريفرنس جي صدارت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪئي هئي، جڏهن ته خاص مهمان تاج صحرائي صاحب هو.
پنهنجي دؤرَ جي سريلي شرناءِ جي وڄتڪارَ ۽ ڍولڪ نوازَ، محمّد اڪرم سمي جي فرزندَ، ديدار حسين سمي جو جنم ته ضلعي شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ جادي ڪلهوڙي ۾ 1955ع ۾ ٿيو، پر پوءِ سندس والد لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر رتيديري ۾ لڏي اچي ويٺو ته رتوديرو ئي ديدار حسين سمي جي سڃاڻپ بڻجي ويو. ديدار حسين جي ڇٽيءَ جو نالو ’غلام علي‘ رکيو ويو. ديدار حسين ٻُڌائيندو هو ته کيس ننڍپڻ ۾ پنهنجو والد سندن اباڻي ڳوٺ جي ڀرسان واقع ڳوٺ قائم الدين وَڌيي ۾ پنهنجي بزرگن جي مرشدَ سيد سڪندر علي شاهه وٽ عقيدت واريون حاضريون ڀرڻ لاءِ موڪليندو هو، جيڪو پاڻ راڳ جي رمزَ ۽ سنگيت جِي سَمجَھه رکندڙ، سريلو راڳي هو. اُنَ، هن ننڍڙي غلام عليءَ جي فرمانبرداري ڏسي، کيس پنهنجو مريد ۽ شاگرد بڻايو ۽ کيس نئون نالو ’ديدار حسين‘ ڏنائين. جيڪو اڳتي هلي فن جي دنيا ۾ سندس سُڃاڻپ بڻيو ۽ ’غلام علي‘، سيّد سڪندر شاهه کان ڳانو ٻَڌرائڻ کانپوءِ هميشه لاءِ ’ديدار حسين‘ بڻجي ويو. هُو سندس استاديءَ ۽ رهنمائيءَ ۾ ڳچ عرصو فيض ماڻيندو رهيو ۽ سنگيت جا ابتدائي سبق سکيو. پر هن اکٽ سمنڊ ۾ اڃا گَهِرائيءَ ۾ وڃڻ ۽ ڪلاسيڪي سنگيت جا پيچَ داوَ سکڻ جي جستجوءَ ۾ ديدار پهريان ضلعي جيڪب آباد جي دوداپور شهر وڃي، ملڪ جي مشهور طبلي نواز، استاد حاجي خان کان طبلي جُون تالون سکيو ۽ وَڄتڪار بڻيو. ان کيس لئه ڪاري سيکارڻ کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا سنگيت جا ڪيترائي پُوڄارا پُر ڪندڙ سرچشمي، ڪلاسيڪي راڳي، استاد ارباب علي کوسي ڏانهن جيڪب آباد موڪليو. جتان ديدار حسين ڪلاسيڪي سنگيتَ جُون رمزون سکيون ۽ ان گورک ڌنڌي ۾ پاڻ ڀَرو ٿيو. لائق شاگرد هجڻ سبب استاد ارباب کوسي، ديدار حسين کي سُتت ئي پاڻ سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف محفلن ۾ وٺي وڃڻ ۽ پاڻ سان ڳارائڻ شروع ڪيو. جنهن سان سندس سڃاڻپ جُڙڻ شروع ٿي. پنهنجي استاد جي ئي ’چِٺيءَ‘ معرفت 1975ع جي آسپاس ديدار حسين، ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽه تي پهريون ڀيرو متعارف ٿيو. جتي سڀ کان پهريان پروڊيوسر بشير بلوچَ، سندس آواز ۾ هڪ اردو غزل ريڪارڊ ڪيو هو، جيڪو نشر ٿيو ته ٻڌندڙن ان کي ساراهيو. جلد ئي هُو اهڙي ئي ’چِٺي‘ کڻي پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽه مرڪز پهتو، جتي پڻ کيس پنهنجي استاد معرفت جلد پهريون پروگرام ملِي ويو. پوءِ سندس پرفارمنس رڳو ڪوئيٽه ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تائين محدود نه رهي، پر هن پاڪستان ٽيليويزن جي پنجن ئي سينٽرن جي سنگيت جي پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ اردوءَ سان گڏ، بلوچي، براهوي، سنڌي، پنجابي، پشتو، سرائيڪيءَ ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ به ڪئين گيت ڳائي شهرت ماڻي.
ريڊيو پاڪستان جي ڪوئيٽه کانپوءِ خيرپور، لاهور، حيدرآباد، ڪراچي، راولپنڊي اسلام آباد، ملتان ۽ ٻين اسٽيشنس تي سندس آواز ۾ يادگار گيت ۽ غزل ريڪارڊ ٿيا. ديدار حسين غزل لاءِ موزون ترين آواز هو. هُو پنهنجي پرفارمنس دؤران لفظن جي چِٽِي ادائگي ۽ سٽُون نفاست سان جُھونگارڻ جو ايڏو نفيس انداز رکندو هو، جو شاعريءَ جو پورو تاثر ٻڌندڙ تائين پهچي ويندو هو. هُو شاعريءَ جي چُونڊ جي معاملي ۾ ڏاڍو چُونڊائتو (انتخاب پسند) هو ۽ هر عام شاعري ڪونه ڳائيندو هو. انڪري هُو ڪمرشل ڳائڻ جي دنيا ۾ ڪاهي ڪونه پيو ۽ چوري ٿيل ڌُنين يا انڊين گيتن جي طرزن تي ڳائڻ کان پرهيز ڪندو رهيو. اهڙي باذوق سليڪشن تحت هن سنڌي، سرائڪيءَ ۽ پنجابيءَ جي چونڊ اساسي توڙي جديد شاعرن جو ڪلام ڳائي باذوق سامعين جو من موهيو. سندس آواز ۾ لاتعداد گيتَ بيحد مقبُول ٿيا.
ديدار حسين سمون ڪيتري عرصي کان ذيابطيس ۽ ان سبب گُردن جي بيماريءَ سان جھيڙي رهيو هو. گڏوگڏ شگر سبب کيس دل جو عارضو به ٿي پيو هو. انهن سمورين مصيبتن سان جھيڙڻ سبب سندس زندگيءَ جا آخري سال سنگيت جي پرفارمنس کان پري گذريا ۽ هن سال ٻاڪراسي عيد جي ٽئين ڏينهن، سُومر 9 جون 2025ع جي شام جو دير سان سندس لاڏاڻي جي خبر سنڌ کي مغمُوم ڪري وئي. ديدار حسين جو لاڏاڻو سکر ۾ ٿيو، پر سندس آخري رسمُون رتيديري ۾ انجام ڏنيون ويُون ۽ کيس اڱاري 10 جُون تي، تاريخي نادر شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هُو پنهنجي پونئيرن ۾ پنهنجو پٽ فتح علي سمون سنگيت جي دنيا کي ارپي ويو، پر فتح علي، پنهنجي والد جي ابتڙ ڪمرشل سنگيت ۽ غيرمعياري شاعريءَ کي ترجيح ڏيندي هڪ ٻئي حلقي جي پسند بڻجي چُڪو آهي.
هن سال جڏهن رتيديري جي عزارادر قافلي ۾ فتح علي ”آيا ڪينَ مارُو، وساريون وطن کي…“ پڙهندو ته هيلَ ان غمَ ۾ سندس بابا جي فراق جو سوز به شامل هوندو ۽ ٻڌندڙن جي آهه و زاريءَ سان گڏ سندس گِريو به شامل هوندو!
جُولاءِ 1, 2025