وڳڻ ۾ BISP جي امداد وٺندڙ عورتن سان زيادتين جو سلسلو جاري، انتظاميا جي خاموشي تي سواليا نشان
وڳڻ(رپورٽر) بي آءِ سي پي مان امداد وٺندڙ عورتن سان زيادتين جو سلسلو جاري، دوڪاندارن طرفان هزارين رپين جي ڪٽوتي، انتظاميا خاموش وڳڻ ( رپورٽ عاجز چانڊيو) وڳڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي تحت مالي امداد وٺڻ لاءِ ايندڙ مستحق عورتن سان زيادتين جو سلسلو ختم ٿيڻ بدران وڌي ويو علائقي جي ڪيترن ئي دڪاندارن طرفان عورتن جي ڪارڊ مان 1000 کان 2000 رپين تائين غيرقانوني ڪٽوتيون ڪيون پيون وڃن،
جڏهن ته انتظاميا مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. عورتن جو چوڻ آهي ته دوڪانن تي نه ته پردي جو ڪو بندوبست ڪيو ويو آهي، نه ويهڻ لاءِ مناسب جڳهه آهي، ۽ نه ئي گرميءَ جي شدت ۾ ٿڌي پاڻي جي ڪا سهولت موجود آهي. نتيجي طور ڪيترين ئي عورتن کي بيهوشي جا دورا به پيا آهن، جڏهن ته ٻارڙا گرمي سبب رڙيون ڪري رهيا آهن.بي آءِ سي پي جي اصولن موجب هر مستحق عورت کي بغير ڪنهن ڪٽوتي جي پوري رقم ڏيڻ لازمي آهي، پر هتي دوڪاندار پنهنجا قانون هلائي رهيا آهن.
عورتن مطالبو ڪيو آهي ته علائقائي انتظاميا فوري طور تي ان غيرقانوني عمل جو نوٽيس وٺي، ۽ دڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف شھر جي سماجي ورڪرن ممتاز علي وڳڻ، الطاف چانڊيو، انيس خاصخيلي، عاشق چانڊيو مطالبو ڪندي چيو ته بي آءِ سي پي مرڪزي انتظاميا، ضلعي انتظاميا، ۽ چونڊيل نمائندا فوري طور تي حرڪت ۾ اچن ته جيئن هزارين غريب عورتن سان ٿيندڙ زيادتين جو خاتمو ٿي سگهي،
جُون 30, 2025