شمالي وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت، شهيدن کي ڀيٽا – پاڪستان زنده باد موومينٽ جو اظهارِ يڪجهتي

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ ) پاڪستان زنده باد موومينٽ جي چيئرمين طرفان شمالي وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت، شهيد جوانن کي ڀيٽا سکر   پاڪستان زندہ باد موومينٽ سکر ڊويزن جي چيئرمين، ماجد اقبال ملڪ، شمالي وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي “فتنه الھندستان” جي دهشتگردن جي حملو جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته حملو بزدلاڻو عمل هو، جنهن ۾ پاڪ فوج جا 13 بهادر جوان شهيد ٿيا. ماجد اقبال ملڪ انهن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته انهن سپوتن شهادت جو عظيم رُتبو حاصل ڪيو، جيڪي قوم جو فخر آهن.

هن سيڪيورٽي فورسز جي انهن جوانن کي پڻ سلام پيش ڪيو جن 14 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو. چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جا جوان ملڪ جي سلامتي جا ضامن آهن ۽ انهن جي قربانيون ناقابلِ فراموش آهن.

ماجد اقبال ملڪ چيو ته شهيدن جي قربانين تي پوري قوم کي فخر آهي، ۽ انهن جو نياڻپ سدائين ياد رکيو ويندو. هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم هن ڏکي وقت ۾ شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.

ماجد اقبال ملڪ وڌيڪ چيو ته شهيدن جو رت اسان جي آزادي ۽ امن جي ضمانت آهي، ۽ انهن جي قربانيءَ سان ئي پاڪستان قائم دائم رهندو۔

جُون 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو