سيوھڻ تعلقي ۾ محرم الحرام جي آمد، يونين ڪائونسل آراضي ۾ زوار هاري سهتو جي سرپرستيءَ ۾ ماتمي جلوس، زنجير زني ۽ لنگر نياز جو اهتمام

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سڄي دنيا ۾ محرم الحرام 1447 ھجري سال شروع ٿيندي ئي امام حسين عليه سلام جي شھادت جي سلسلي ۾ ماتمي جلوسن جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، محرم الحرام مھيني جي سلسلي ۾ تعلقي سيوھڻ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ماتمي جلوسن جو سلسلو به جاري آھي،

 ان ۾  سيوهن شريف جي يونين ڪائونسل آراضي ۾ درگاه سید بچل شاه جي پڙ تي زوار محمد هارورن عرف هاري سهتو جي سرپرستي ۾ ٽانڊن تي ماتم ڪيو ويو،جڏهن ته هزارين مومنن عزادارن طرفان زنجير زني پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي زوار  محمد هارون عرف هاري سهتو صحافين  سان ڳالهائيندي چيو ته  آراضي ۾ هي ماتم 2007 کان سندس  سربراهي ۾ ٿي رهيو آهي، 

جتي سيوھڻ تعلقي جي مختلف شھرن جھڙوڪ جھانگارا، باجارا، سيوھڻ، بوبڪ، ٽلٽي، وغيره جا ھزارين  مومنن شامل ٿيندا آھن ۽ عزاداري ڪندا آھن، ھن ماتمي جلوس ۾ شامل مومنن عزاداري،  زنجير زني ۽ باه تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏھن ته ھن ماتمي جلوس جي سڪيورٽي انتھائي سخت ڪئي ويئي ھئي، ھن ماتمي جلوس ۾ شامل مؤمنن کي لنگر نياز پڻ ڪرايو ويو.

جُون 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو