سکر: چيئرمين ضلع ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه پاران تاريخي ماتمي جلوس جي روٽ جو دورو، سيڪيورٽي ۽ سهولتن بابت اهم هدايتون
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه 5 محرم الحرام پراڻي سکر مان برآمد ٿيندڙ ٽن سئو سال پراڻي تاريخي ماتمي جلوس جي روٽ جو دورو ڪيو، سيڪيورٽي معاملن سميت ٻين انتظامن جو جائزو ايس ايس پي سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ۽ عملدارن سيڪيورٽي سميت ٻين انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني چيئرمين سکر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ضلعي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته عزادارن حسين کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
ان سلسلي ۾ڊسٽرڪٽ چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه پراڻي سکر ۾ قديم ۽ تاريخي ماتمي جلوس جي منتظمين سان ملاقات ڪري ماتمي جلوس جي گذرگاهن جو دورو ڪيو ان موقعي تي ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل ، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر راجا ايم بي ڌاريجو سميت ميونسپل ڪارپوريشن سکر ،
ضلعي ڪائونسل جو عملو سميت رينجرز جا آفيسر ۽ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ساڻس گڏ هئا ايس ايس پي سکر اظھر خان ڊسٽرڪٽ چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه کي تاريخي ماتمي جلوس تي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سکر چيو ته ماتمي جلوس جي جلوس جي ڪيل انتظامن کي بهتر بڻايو وڃي
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊسٽرڪٽ چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه چيو ته سڀني انتظامن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سکر ميونسپل ڪارپوريشن سکر سميت ٻيا ذميواريون پوريون ڪن۔عزادارن کي سهولتون ڏنيون وڃن۔
جُون 30, 2025