ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي بجلي جي بندش خلاف رهواسين جو ايم 9 موٽر وي تي احتجاج، ڪي اليڪٽرڪ خلاف نعرا، انتظاميا جي خاطري بعد ڌرڻو ختم
ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي ) ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل 3 مھينن کان بجلي جي اک ٻوٽ خلاف رهواسي احتجاج ڪندا ايم 9 موٽر وي تي نڪري آيا رهواسين طرفان احتجاجي ڌرڻو موٽر وي جا ٻئي پاسا بند گاڏين جون قطارون لڳي ويون ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ايس ايس پي ملير پهچي ويا بجلي جي فوري طور بحالي جي خاطري تي ٻن ڪلاڪن کان جاري احتجاج ختم،
جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر آفيسرن جي واعدي تي عمل نه ٿيو ته ٻيھر اڻڄاتل مدي تائين ڌرڻو هنيو ويندو اڳواڻ تفصيل موجب ملير جي علائقي ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل 3 مھينن کان بجلي جي اک ٻوٽ خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي ڪيترائي رهواسي احتجاج ڪندا ايم 9موٽر وي تي نڪري آيا جتي احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويهي رهيا جنهن جي اڳواڻي سماجي ڳواڻ احمد کوسو،
غفار ڪاڇيلو، غلام قادر واڍيلو، جانشير جوکيو ڪري رهيا هئا ڌرڻي سبب موٽر وي جا ٻئي پاسا بند ٿي ويا ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاھرين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو ۽ ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي پهچي ويا جن مظاھرو ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري جلد بجلي بحال ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ٻن ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آھي ٻهراڙي وارن علائقن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر آفيسرن جي واعدي تي عمل نه ٿيو ته ٻيھر اڻڄاتل مدي تائين ڌرڻو هنيو ويندو.
جُون 30, 2025