گڏاپ ٽائون جي چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ پاران محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو، سهولتن جي فراهمي لاءِ هدايتون جاري

Spread the love

ملير (ڊر ) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ ۽ ميونسپل ڪمشنر احمد يار يوسي پپري گڏاپ ٽائون جي امام بارگاهن ۽ محرم الحرام جي جلوسن جي گذرگاهن جو دورو ڪيو۔ ان موقعي تي جلوس جي رستن مان رڪاوٽن کي فوري طور هٽائڻ، صفائي سٿرائي ۽ روشنيءَ جي مؤثر انتظامن جي هدايت جاري ڪئي وئي۔ انهن سان گڏ پارلياماني ليڊر مير عباس ٽالپور، ڪائونسل ميمبر علي محمد گبول، منتظمين ۽ ٻيا چونڊيل نمائندا پڻ موجود هئا۔

ان موقعي تي چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو ته محرم الحرام جو مهينو احترام، صبر، ۽ نظم و ضبط جو درس ڏئي ٿو، بلدياتي ادارا پنهنجي سڀني صلاحيتن سان عزادارن کي سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن به قسم جي کوٽ هرگز برداشت نه ڪئي ويندي۔ ميونسپل ڪمشنر احمد يار چيو ته سمورا آفيسر ۽ عملي جا اهلڪار محرم الحرام جي انتظامن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري رهيا آهن، صفائي، روشني ۽ نيڪاليءَ جي نظام کي هر امام بارگاهه ۽ جلوسن جي گذرگاهن تي بھتر بڻايو پيو وڃي۔

پارلياماني ليڊر مير عباس ٽالپور چيو ته محرم جي موقعي تي گڏاپ ٽائون جي انتظاميا هميشه مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن سال به اسان عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪنداسين۔ ڪائونسل ميمبر علي محمد گبول چيو ته اسان محرم الحرام جي تقدس کي نظر ۾ رکندي امام بارگاهن جي آس پاس صفائي، روشني ۽ امن امان جي لاءِ انتظاميا سان ويجهو رابطو رکي رهيا آهيون۔

گڏاپ ٽائون انتظاميا پاران شهرين کان به سهڪار جي اپيل ڪئي وئي آهي ته جيئن محرم جا جلوس ۽ مجلسون پرامن، صاف سٿري ۽ منظم ماحول ۾ منعقد ٿي سگهن۔ ان موقعي تي يوسي پپري جي چيئرمين عظمت لونڊ، ڊائريڪٽر سينيٽيشـن اشرف بلوچ، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سينيٽيشـن محمد افضل لغاري، علائقائي معززين آصف علي پٽان، ڪاشف علي پٽان، يونس عمراتي، رب نواز، سينيٽيشـن انچارج علي پليجو، شاني پرويز، پي ايس چيئرمين لعل جان نبي پڻ موجود هئا۔

جُون 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو