ڀارت آبي دهشتگردي ذريعي 24 ڪروڙ پاڪستانين کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت پنهنجي مرضي پاڪستان تي مڙهي نٿو سگهي، تنهنڪري ڀارت کي گهرجي ته هو پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪري.
اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽرٽيجڪ اسٽڊيز جي يومِ تاسيس واري تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان تي جارحيت مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو اسان ترت ۽ اثرائتو جواب ڏنو.
سندس چوڻ هو ته ڀارت پلواما واقعي بابت ڪوڙو ڊرامو رچايو، ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي، ڀارت آبي دهشتگردي ذريعي 24 ڪروڙ پاڪستانين کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿو، پر ڀارت پنهنجي مرضي پاڪستان تي مڙهي نٿو سگهي.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل نٿو ڪري سگهي، هو پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.
نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل مسئلو آهي ۽ ان جو پُرامن حل ئي خطي ۾ امن آڻي سگهي ٿو، ڀارت عالمي قانونن جي کلي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جڏھن ته پاڪستان پرامن مسئلن جي حل واري اصول تي عمل ڪري رهيو آهي.
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايران-اسرائيل جنگبندي جي آجيان ڪري ٿو، پاڪستان سدائين ايران جي قانوني موقف جي حمايت ڪئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران جي جوهري مسئلي جو حل به ڳالهين ذريعي نڪرڻ گهرجي، غزه ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ ظلم جاري آهن ۽ پاڪستان کي وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي سخت ڳڻتي آهي.