وريندر سهواگ جو امپائرن کي ”رشوت“ ڏئي فيصلا تبديل ڪرائڻ جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ امپائر فڪسنگ بابت پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو.
اڳوڻي اوپننگ بيٽر وريندر سهواگ جو هڪ انٽرويو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هو مبينا طور امپائرن کي رشوت ڏئي پنهنجي حق ۾ فيصلا ڪرائڻ جو اعتراف ڪري رهيو آهي، ان گفتگو دوران هن ٻن اهڙن امپائرن جا نالا به کنيا، جيڪي هاڻي دنيا ۾ ناهن رهيا.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ ڪلپ ۾ سهواگ چيو ته ڏکڻ آفريڪا جو هڪ امپائر روڊي ڪوئٽزن هوندو هو، هڪ ميچ دوران مون کي ۽ سچن ٽنڊولڪر کي ساڳي ڪمپني جا پيڊ پاتل هئا، امپائر ڪوئٽزن مون کان پڇيو ته اهي پيڊز ڪٿان ملن ٿا؟ مون پڇيو ته توهان کي ڇو گهرجن؟ چيائين ته پنهنجي پٽ لاءِ وٺڻا آهن.
سهواگ ٻڌايو ته ميچ کانپوءِ مون پنهنجا پيڊز کيس ڏئي ڇڏيا، امپائر شڪريو ادا ڪندي چيو ته مان هي ڪيئن وٺان؟ مون چيو ته توهان جي پٽ لاءِ تحفو آهي، ان تي امپائر چيو ته مان توهان لاءِ ڇا ڪري سگهان ٿو؟ مون چيو ته رڳو ايترو ڪريو ته مون کي هڪ ڀيرو آئوٽ نه ڏيو، پوءِ هن مون کي ٻي ٽي ڀيرا آئوٽ نه ڏنو.
سهواگ وڌيڪ چيو ته هڪ امپائر ڊيوڊ شيفرڊ به هو، ڀارت ۾ امپائرنگ دوران مون هن کان پڇيو ته توهان کي اسان جي مهمان نوازي ڪيئن لڳي؟ چيائين ته مون کي آئس ڪريم ناهي ملي، ڪيٽررز روڪي رهيا آهن، مون راند دوران وقفو وٺي ڪيٽرر کي چيو ته جيڪڏهن وقفي دوران امپائر کي وينيلا، چاڪليٽ ۽ اسٽرابري آئس ڪريم نه ملي ته تنهنجي نوڪري وئي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ٻڌايو ته وقفي دوران امپائر اندر ويا ۽ واپس اچي جڏهن مون پڇيو ته آئس ڪريم ڪيئن لڳي ته چيائين توکي ڪيئن خبر پئي؟ مون چيو ته مون ئي بندوبست ڪيو هو، ان تي چيائين مان تنهنجي لاءِ ڇا ڪري سگهان ٿو؟ مون چيو بس هڪ ڀيرو مون کي آئوٽ نه ڏجان.