سکر چيمبر آف ڪامرس پاران 200 يونٽ کان گهٽ صارفين تي ڊٽيڪشن چارجز ۽ لوڊشيڊنگ خلاف سخت احتجاج

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر محمد خالد ڪاڪيزئي، سيپڪو ڪميٽي جي ڪنوينر عبدالعزيز شيواني ۽ ٻين ميمبرن 200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تي سيپڪو پاران لڳايل ڊڊيڪشن چارجز تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي۔هنن چيو ته مهانگي بجليءَ جي ڪري گهڻا صارفين، جن ۾ رهائشي ۽ واپاري ٻئي شامل آهن، پنهنجا برقي آلات بند يا وڪڻي ڇڏيا آهن ته جيئن بجليءَ جو استعمال گهٽ ڪري خرچن تي ضابطو آڻي سگهن.

 ان جي نتيجي ۾ اهي صارفين “پروٽيڪٽيڊ ڪيٽيگري” ۾ اچي ويا آهن، پر ان جي باوجود سيپڪو پاران اهڙن صارفين تي ڊٽيڪشن چارجز لاڳو ڪرڻ سراسر غير منصفاڻي ۽ ناانصافي تي مبني قدم آهي۔هنن وڌيڪ چيو ته لائين لاسز جي آڙ ۾ سيپڪو پاران شديد گرميءَ جي موسم ۾ رهائشي، تجارتي ۽ صنعتي علائقن، خاص طور تي سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ سکر ۽ سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن سکر ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب سفيد پوش،

 ديهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ گهٽ آمدني وارن شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، جڏهن ته ڪاروباري طبقو به سخت متاثر ٿي رهيو آهي۔سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو مطالبو آهي ته ڊٽيڪشن چارجز فوري طور ختم ڪري مستقبل جي بلس ۾ انهن کي ايڊجسٽ ڪيو وڃي، بجلي چوريءَ جي روڪٿام لاءِ اثرائتا ۽ عملي قدم کنيا وڃن، ۽ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪري صارفين کي بنا رنڊڪ بجلي فراهم ڪئي وڃي۔

جُون 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو