سکر ۾ محرم الحرام جي آمد سان علم پاڪ جي تياري ۽ سجاوٽ تيزيءَ سان جاري، سجاوٽي سامان جي خريداري ۾ واڌ
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) محرم الحرام جي شروعات سان ئي ڪربلا جي غازي عباس علمدار جي ياد ۾ نوان علم پاڪ تيار ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويو، سکر سميت مختلف هنڌن تي تعزين ۽ علم پاڪ جي سجاوٽ جا اسٽال لڳي ويا آهن، جڏهن ته تيار ٿيل علم پاڪ ۽ سجاوٽي سامان جي طلب ۾ به واڌ ٿي وئي آهي۔
ان سلسلي ۾ ملڪ ڀر ۾ محرم الحرام جي آمد سان گڏ سکر شهر ۾ به وفاداريءَ جي علامت ۽ ڪربلا جي غازي عباس علمدار جي ياد ۾ نوان علم پاڪ تيار ڪرڻ ۽ انهن کي سينگارڻ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، جيڪو محرم جي آخري ڏينهن تائين جاري رهندو. علم پاڪ ڪاٺ يا اسٽيل مان تيار ڪرڻ بعد ڪيترن ئي مرحلن مان گذري ٿو،
جنهن کي گهرن ۽ امام بارگاهن تي لڳائي غازي علمدار کي پرسہ پيش ڪيو ويندو آهي. علم پاڪ غم ۽ علم جو نشان آهي، جيڪو اسان کي ڪربلا جي انهن عظيم شهيدن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو، جن حق ۽ سچ لاءِ پنهنجون حياتيون نثار ڪيون.ٻئي پاسي، محرم الحرام جي پهرين تاريخ کان ئي سکر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جون سبيلون،
لنگر ۽ نياز جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي. شهر جي مختلف هنڌن تي تيار ٿيل علم پاڪ ۽ انهن جي سجاوٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان جي خريداري به وڌي وئي آهي، جڏهن ته مومنن طرفان امام بارگاهن، گهرن جي ڇتين ۽ ٻين هنڌن تي غازي عباس علمدار جي ياد ۾ علم پاڪ قائم ڪيا پيا وڃن۔
جُون 29, 2025