سکر جي روڊن تي آوارا جانورن جي ڀرمار، حادثن ۾ واڌ؛ شهرين جو اعليٰ اختيارين کان فوري ڪارروائي جو مطالبو
سکر(رپورٽ :امداد گل ڪلوڙ) سکر شهر جي روڊن تي آوارا چوپائن جي وڌندڙ ڀرمار، حادثن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهي آهي، جنهن سبب شهري حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته شهرين پاران اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي۔
ان سلسلي ۾ سکر شهر جي روڊن تي ڇڏيل آوارا جانورن ، ٻڪريون، گائو مال جي تعداد ڏينهن بہ ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن ڪري روڊ حادثن ۾ به واڌ اچي رهي آهي۔ ڏينهن توڙي رات جي وقت شهر جي واپاري علائقن ۽ اهم روڊن تي آوارا جانورن جا هجوم لڳل هوندا آهن، جڏهن ته روڊ جي وچ ۾ سمهيل جانورن جي ڪري موٽر سائيڪل سوارن سميت ٻين مسافرن کي شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔
اڪثر ڪري اڌي رات يا اونڌاهي علائقن ۾ اهي جانور پري کان نظر نٿا اچن، جنهن سبب حادثا پيش اچن ٿا۔شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ماڻهو، خاص طور تي گائو مال پاليندڙ، پنهنجي گهرن ۾ انهن کي ٻڌڻ جو مناسب انتظام نه هجڻ ڪري، جانورن کي روڊن تي آوارو ڇڏين ٿا۔ ان کان علاوه، روڊن جي ڪنارن تي موجود ڪچري جا ڍير ۽ ڊرم به آوارا جانورن جي واڌ جو سبب بڻجي رهيا آهن، جتي اهي جانور ڪچرو کائي، روڊن تي ئي رات گذاري ڇڏين ٿا۔نتيجي طور، سکر شهر جون روڊون ڄڻ ته چوپائن جي باڙي ۾ تبديل ٿي ويون آهن۔ شهرين الزام لڳائيندي چيو آهي ته آوارا جانورن جي وڌندڙ تعداد جي باوجود، ميونسپل ڪارپوريشن هن مسئلي تي مڪمل طور خاموش آهي ۽ ڪنهن به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي۔
شهري ۽ سماجي حلقن سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته آوارا جانورن کي فوري طور تي پنهنجي تحويل ۾ وٺي، يا ته انهن کي پڪڙي سرڪاري گؤشالائن ۾ منتقل ڪيو وڃي ته جيئن شهرين جي زندگي محفوظ بڻائي سگهجي۔
جُون 29, 2025