نوابشاهه ۾ ڌامراهه روڊ تي عشقِ رسول ﷺ جي روح پرور محفل، سوين عاشقانِ رسول ﷺ جي شرڪت
نوابشاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند) نوابشاهه جي علائقي ڌامراهه روڊ ڪيمپ نمبر 2 ۾ محفل ذڪر محمد مصطفيٰ ﷺ، شهيد مدينه منوره، ڪربلا معليٰ جي ياد ۽ شهادت ڪانفرنس سميت عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ روح پرور محفل جو اهتمام ڪيو ويو۔ محفل ۾ مهمان خاص طور مفتي غلام فريد اويسي، حافظ و قاري مقصود چشتي، علامه محمد ساجد قادري عطاري، محمد اشرف سلطاني، محمد اسلم نوري سلطاني سميت ٻين عالم دين شرڪت ڪئي۔ محفل جو آغاز تلاوت قرآن پاڪ سان ڪيو ويو،
جنهن کان پوءِ مشهور ثناء خوانن پاران حضور نبي ڪريم ﷺ جي در تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا۔ محفل ۾ شعلہ بيان، شيرين زبان، مبلغ دين و ملت، حضرت علامه مولانا محمد ساجد علي قادري دامت برڪاته العاليه آف شهدادپور طرفان خاص خطاب پيش ڪيو ويو، جنهن محفل ۾ شريڪ عاشقان رسول ﷺ جي دلين کي عشقِ رسول ﷺ جي نور سان منور ڪري ڇڏيو۔
روحاني محفل ۾ محمد ارشد اعوان، محمد زاهد اعوان، محمد ممتاز اعوان، محمد ممتاز جٽ، محمد رضوان ڀٽي، عبدالطيف بٽ، محمد جميل راجپوت، زاکر ڀٽي، محمد سرور شيخ فريدي، محمد طلحہٰ شيخ، رائو محمد آصف، محمد عمير، محمد عرفان، محمد اشرف، محمد سهيل، محمد اويس، محمد صائم، زاکر حسين، محمد عمران ۽ اهل محله جي نوجوانن سميت سوين عاشقان رسول ﷺ شرڪت ڪئي۔
جُون 29, 2025