نوابشاهه ۾ “زندہ رهندو نالو هميشه حسين عليه السلام جو” جي عنوان سان روح پرور محفلِ مسالمو ۽ مشاعرو، عاشقانِ اهل بيت جي وڏي شرڪت
نوابشاه (رپورٽ: عبدالفتاح رند ) رحمت اللعالمین نعت ڪائونسل پاڪستان نوابشاھ جي پاران سالياني روح پرور محفلِ مسالمو، اردو ۽ سنڌي مشاعري “زندہ رهندو نالو هميشه حسين عليه السلام جو” صمديه هوٽل نوابشاھ ۾ منعقد ڪئي وئي۔
محفل جي شروعات تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سان ٿي، جنهن جي سعادت زينت القرآن محمد حنيف سعيدي، قاري ۽ حافظ محمد آصف حاصل ڪئي۔ نظامت جا فرض رائو شوڪت علي مصطفيٰ، ارشاد مغل سلطاني سرانجام ڏنا۔
محفل جي پهرين نشست ۾ ايان عثمان، رائو ارسلان علي سلطاني، ملڪ حافظ محمد عرفان سلطاني، ملڪ محمد عثمان سلطاني ۽ ٻين ثناء خوانن نعت ۽ مناقب پيش ڪري سعادت حاصل ڪئي۔ ٻي نشست ۾ محفلِ مسالمو جي صدارت سينيئر شاعر پروفيسر قيوم علي طاهر، نائب صدر بزمِ احساس ادب نوابشاھ سرانجام ڏني، جڏهن ته مشهور شاعر ملڪ الياس ڪامل، آصف البشر خان، پروفيسر عبدالوهاب شارق صديقي، بابو حسين همدم، سنڌي ادب جا ناليوارا شاعر وسيم سومرو (نوابشاهه) ۽ راشد مڪرم (سڪرنڊ) امام عالي مقام حضرت امام حسين عليه السلام جي بارگاهه ۾ عقيدت ۽ محبت جا گل نڇاور ڪيا۔
محفلِ مسالمو جا خاص مهمان محمد اشرف آرائين سلطاني، محمد ڪليم جٽ ايڊووڪيٽ، احسن کوکر، محمد اسلم ڪي ڪي سلطاني، الطاف احمد شيرواني، محمد اسلم نوري، محمد بلال قريشي، ملڪ محمد اقبال، محمد اسحاق راجپوت سلطاني، ملڪ محمد عباس، شفيق سلطاني، عبداللطيف گل سلطاني، رائو شعيب احمد، حافظ دانيال پيرزاده، حافظ خان محمد ميمڻ ۽ ٻيا هئا، جن کي حافظ ملڪ محمد عرفان سلطاني ۽ عبدالحفيظ قادري پنهنجي هٿن سان تحفا پيش ڪيا۔
مشاعري جي آخر ۾ صلوات و سلام پڙهيو ويو ۽ دعا ڪئي وئي، جنهن بعد شرڪاءِ محفل کي لنگر پيش ڪيو ويو۔
جُون 29, 2025