سوات ۾ سول سوسائيٽي جو ڪي پي حڪومت خلاف احتجاج، ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو

Spread the love

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات درياهه ۾ آيل ٻوڏ وهڪري ۾ 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي بعد اڄ سوات جي نشاط چوڪ تي سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن ضلعي انتظاميا ۽ حڪومت کي واقعي جو ذميوار قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته غفلت ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي شهر ڊسڪا مان آيل هڪ ئي ڪٽنب جا 16 ڀارتي سوات درياهه ۾ اوچتو چاڙهه کانپوءِ آيل هڪ تيز وهڪري ۾ لڙهي ويا هئا، جن مان 3 ڄڻن کي بچايو ويو، 10 فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.

جُون 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو