برسات سبب حادثا، 5 ڄڻا فوت، 20 زخمي، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران برسات سبب مختلف حادثا پيش آيا، جن ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب، لاهور ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻه ٻار اجل جو شڪار بڻيا، فيصل آباد ۾ ڇت ڪرڻ جي نتيجي 4 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي.
ترجمان موجب، اٽڪ ۾ هڪ عورت برساتي نالي ۾ ڪِرڻ سبب حياتي وڃائي وٺي جڏهن ته وزيرآباد ۾ ڪاٺ جي ڇت ڪرڻ سبب 55 ورهين جو شخص فوت ٿي ويو.
ٻئي پاسي قدرتي آفتن بابت قومي ادارو اين ڊي ايم اي چيو آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ پڻ تيز برساتن جو سلسلو جاري رهڻ امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت حيدرآباد، سکر، ٿرپارڪر، بدين ۽ عمرڪوٽ، جڏهن ته پنجاب جي لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد، گوجرانوالا ۽ ميانوالي ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.
خيبرپختونخوا جي ضلعن چترال، سوات، ايبٽ آباد، مانسهرا، پشاور، بنو، وزيرستان ۽ بلوچستان جي زوب ، لورالائي، زيارت، قلعو موسيٰ خيل، خضدار، آواران، برکان، سبي، جعفرآباد، ڪوھلو ۽ ڊيرا بگٽي سميت جابلو علائقن ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو انديشو آهي.