” هڙني مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي“ وزيراعظم جو پي ٽي آءِ چيئرمين سان مڪالمو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم بئريسٽر گوهر کي چيو ته” پهريان به چيو ۽ وري ورجايان ٿو ته ويهي ڳالهيون ڪريو، ڳالهيون هڙني مسئلن جو حل آهن.“
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي آڇ تي پي ٽي آءِ چيئرمين هاڪاري اشارو ڏيندي چيو ته” انشاءَ الله.“
واضح رهي ته ان ملاقات اڳ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪري چڪو آهي.
ان ملاقات کان اڳ وزيراعظم جو صلاحڪار رانا ثناءُ الله به پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪري چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ بئريسٽر گوهر وچ ۾ اها ڳالهه ٻولهه مخصوص سيٽن بابت فيصلي کان اڳ ٿي هئي، جڏهن قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم اُٿي بئريسٽر گوهر سان هٿ پڻ ملايو هو.

جُون 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو