امپائرن کي به غلط فيصلن تي سزا ڏيڻ گهرجي: روسٽن چيز

Spread the love

ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روسٽن چيِز چيو آهي ته امپائرن جي غلط فيصلن تي به احتساب ٿيڻ گهرجي.
روسٽن چيز چيو ته آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچ دوران امپائرن ڪيترائي فيصلا اسان جي خلاف ڏنا ۽ اهڙن فيصلن تي سوال اٿن ٿا.
هن چيو ته اسان اسان ميدان ۾ کٽڻ لاءِ لهون ٿا، پر محسوس ٿئي ٿو ته سڀ ڪجهه اسان جي خلاف آهي.
روسٽن چيز جو چوڻ هو ته جڏهن ڪو رانديگر ڪا غلطي ڪري ٿو ته کيس سزا ملي ٿي، پر امپائرن جي غلطين تي ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي.
هُن چيو ته هڪ غلط فيصلو ڪنهن رانديگر جو مستقبل به خراب ڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته آسٽريليا هٿان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 159 رنسن تان شڪست ملي هئي.

جُون 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو