جي يو آءِ پاران 30 جون تي سکر ۾ سنڌ جي سردارن جو تاريخي امن جرگو طلب
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) جي يو آءِ پاران سنڌ جي سردارن جو تاريخي ڪٺ، امن جرگو علامه راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ 30 جون تي سکر ۾ ٿيندو..خبر موجب جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو جي اڳواڻي۾ 30 جون تي سنڌ جي قبيلن جي سردارن جو امن ڪٺ (جرگو) سکر شهر ۾ طلب ڪيو ويو آهي،
جنهن جي صدارت جي يو آءِ سنڌ جي امير حضرت مولانا عبدالقيوم هاليجوي صاحب ڪندا.جي يو آءِ جي صوبائي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آھي ته سنڌ جي قبيلن جي سردارن کي خصوصي دعوتناما موڪليا ويا آهن ته جيئن سنڌ جي قبائلي، سماجي ۽ سياسي ڍانچي کي مضبوط بڻائي سگهجي۔علامہ راشد محمود سومرو چيو آھي ته قبيلن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ اتحاد جو قيام،سنڌ اندر امن،ڀائيچاري ۽ اتفاق کي فروغ ڏيڻ،قبيلن جي وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙن جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاء ڪوشان آهيون.ھن چيو آھي ته
اسان سنڌ ۾ امن ۽ اتحاد چاهيون ٿا. جي يو آءِ هميشه قبيلن جي احترام، گڏيل ڀائيچاري ۽ قبائلي حل لاءِ اڳڀرو رهي آهي. ان سلسلي ۾ جي يو آء سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ء ضلعي امير مولانا محمد صالح انڍڙ،ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالحميد مھر ۽ ٻين امن جرگي جو انتظامات جو جائزو ورتو جيڪي فائينل ڪيا آهن.ھنن چيو ته 30 جون تي ٿيندڙ هي ميڙاڪو سنڌ جي امن لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل هوندو.ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آھي ته ھي اجتماع نه صرف سياسي ۽ قبائلي هم آهنگي لاءِ قدم هوندو، پر سنڌ جي مستقبل کي محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن بڻائڻ لاءِ نئين سفر جي شروعات پڻ ٿيندو،
جُون 28, 2025