سکر پوليس ڀرتي جا ويٽنگ اميدوار آفر ليٽر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) پوليس کاتي ۾ ڀرتي لاءِ ضلعي سکر جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ٽيسٽ پاس ويٽنگ اميدوارن پاران آفر ليٽر نه ملڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ مطالباتي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي۔ مظاهري ۾ شامل ويٽنگ اميدوارن مشھود احمد کنڊ ، تراب علي ڀنڀرو، عمران علي ٻرڙو،

ظفر ملاڻو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان 2016ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪئي هئي جنهن کانپوءِ اسان کي ويٽنگ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو ھو پر اڄ ڏينهن تائين اسان کي آفر ليٽر نه ڏنا ويا آهن۔ايس آر پي ٽيسٽ کانپوءِ اسان 2024ع ۾ ايس پي ڊي ون لاءِ ٻيهر ٽيسٽ ڏني جيڪا ڪاميابي سان پاس ڪئي ان کانپوءِ وري اسان کي ويٽنگ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔

اسان ڀرتي لاءِ کاتي جا سڀئي تحريري، فزيڪل ۽ انٽرويو ٽيسٽون ڪاميابي سان مڪمل ڪيون آهن پر افسوس جو اظهار آهي ته سکر ضلعي جا 700 کان وڌيڪ اميدوار ويٽنگ لسٽ ۾ هجڻ باوجود اڃا تائين آفر ليٽر لاءِ منتظر آهن، پر کين آفر ليٽر نٿا ڏنا وڃن۔اميدوارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي، آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن ته جيئن اميدوارن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي۔

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو