سکر پوليس جو سماجي برائين خلاف ڪريڪ ڊائون، وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ ماوا هٿ، ٻه جوابدار گرفتار

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايت تي سکر پوليس پاران سماجي برائين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي۔ گذريل ڏينهن ايس ايڇ او بي سيڪشن ٿاڻو ڳجهي اطلاع تي حدن اندر ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ گودام تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ گٽڪو، ماوا ۽ نشي آور سوپاريون  ٺاهڻ وارو مواد هٿ ڪري ورتو۔

 ترجمان ايس ايس پي سکر موجب ڪاروائي دوران ٻه جوابدار، جهانزيب شيخ ۽ محمد امان شيخ کي گرفتار ڪيو ويو جن خلاف گٽڪو ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔ٻئي پاسي ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل پوليس ٽيم کي بهتر ڪارروائي تي شاباشي ڏني ۽ وڌيڪ تيزيءَ سان ڪارروايون ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا۔

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو