موٽر سائيڪل بغير لاڪ ڇڏڻ تي سخت ڪارروائي جو انتباہ، ايس ايس پي سکر پاران شهرين کي احتياط جي اپيل

Spread the love

سکر (بيورورپورٽ) ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل پاران سوشل ميڊيا جي ذريعي عوام لاءِ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته بغير لاڪ ٿيل موٽر سائيڪل ڇڏڻ، چورن کي کلي طور دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. اڄ سي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ مختلف هنڌن تان وڏي انگ ۾ بغير لاڪ ۽ سيلف اسٽارٽ موٽر سائيڪلون هٿ آيون آهن،

جن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.ايس ايس پي موجب شهر اندر موٽر سائيڪل چوري جا گهڻا واقعا ان ڪري پيش اچن ٿا جو مالڪ پنهنجون گاڏيون لاڪ ڪرڻ وساري ڇڏين ٿا يا لاپرواهي ڪن ٿا. موٽر سائيڪل چوري جي روڪٿام لاءِ پنهنجي موٽر سائيڪل کي مضبوط لاڪ لڳائڻ لازمي آهي.

اُنهن چيو ته موٽر سائيڪل جي حفاظت لاءِ ان کي محفوظ جاءِ تي پارڪ ڪيو وڃي ۽ پائيدار لاڪ لڳايو وڃي. موٽر سائيڪل چوري جو وڏو سبب بغير لاڪ رکڻ ۽ خراب لاڪ سسٽم آهي، جنهن ڪري چور آساني سان موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي وڃن ٿا. تنهن ڪري شهرين کي اپيل آهي ته موٽر سائيڪل بغير لاڪ نه ڇڏين ۽ مضبوط لاڪ ضرور لڳائن، ٻي صورت ۾ غفلت ڪندڙن خلاف 550 جي تحت سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو