سکر بلڊ بئنڪ جو سنڌ پوليس پئنل فوڪل پرسن جو دورو، ٿيليسميا مريضن سان ملاقات ۽ خدمتن تي اطمينان جو اظهار
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر بلڊ بئنڪ ۾ سنڌ پوليس پئنل فوڪل پرسن جو دورو ميٽنگ مريضن سان ملاقات. خبر موجب ڊي آء جي سنڌ پوليس سکر ڊويزن فيصل عبدالله چاچڙ جي ھدايتن تي سنڌ پوليس پئنل فوڪل پرسن، ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽرعبدالرشيد جوڻيجو اِبراھیم انصاري ويلفيئر انچارج سکر ،
حنيف گادي ويلفيئر آفيسر سان گڏ جي سکر بلڊ بئنڪ جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو،ٿيليسميا جي مريض ٻارن سان ملاقات ڪئي.بعد ۾ ميٽنگ ڪئي جنھن ۾ سکر بلڊ بئنڪ جي پئنل آفيسر ماجد عزيز منگي کين مختلف پينلن ۽ مريضن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جنھن تي ٽيم اطمينان جو اظهار ڪندي بلڊ بئنڪ جي خدمتن ۽ مريضن سان بھتر روئي جي تعريف پڻ ڪئي.
جُون 28, 2025