ملير سٽي پوليس جي ڪارروائي: منشيات وڪرو ڪندڙ ٽولي جي ٻن عورتن سميت چار ڄڻا گرفتار، منشيات ۽ رقم هٿ

Spread the love

ملير (رپورٽر) سٽي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ ٽولي جي ٻن عورتن سميت چار ڄڻا گرفتار ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي )ملير سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ترت ڪارروائي ڪندي منشيات جي وڪري ۾ ملوث ٽولي جا چار ڄڻا ٻن مردن ۽ ٻن عورتن کي  گرفتار ڪري ورتوپوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جا نالا محمد علي، راشد، عائشا ۽ عصمه عرف پٺاڻي آهن.

جوابدارن جي قبضي مان 1 ڪلو 50 گرام اعليٰ معيار جو چرس 230 گرام ڪرسٽل 100 گرام کان وڌيڪ آئس ۽ 20 هزار روپين کان وڌيڪ منشيات جي وڪري مان حاصل ٿيل رقم هٿ آئي آهي، تحقيقات دوران اهو به سامهون آيو  ته جوابدار عورتن کي اڳيان ڪري منشيات جي ترسيل جو منظم نيٽ ورڪ هلائيندا هئا، جڏهن ته پنهنجي سرگرمين لاءِ روزانو ٺڪاڻا مٽائيندا هئا.هڪ اهم انڪشاف اهو به ٿيو آهي ته محمد علي ۽ عائشا ماءُ ۽ پٽ آهن،

جيڪي هن نيٽ ورڪ جي رٿابندي ۽ نگراني ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ به جانچيو پيو وڃي، جڏهن ته انهن خلاف قانوني طريقي سان ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو