اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن ٽرانسفر ڪيس جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن ٽرانسفر ڪيس جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن طرفان وڪيل منير اي ملڪ سپريم ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي ۾ نئين هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ٿيندڙ جج جي حلف کڻڻ بابت ڪجهه نه چيو ويو آهي، آرٽيڪل 194 تحت حلف لازمي قرار ڏنو ويو آهي، قسم کڻڻ کانسواءِ ججن جي سينيارٽي جو تعين نه ٿو ڪري سگهجي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ سنگين غلطيون آهن.
پنجن ئي ججن طرفان داخل ڪيل انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جي 19 جون واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جي درخواست به داخل ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي ٽرانسفر کي درست قرار ڏنو هو ۽ 5 رڪني بئنچ سينيارٽي وارو معاملو صدر ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو.
سپريم ڪورٽ جو فيصلو
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ 19 جون تي ججن جي بدلي واري ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ججن جي ٽرانسفر خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون.
سپريم ڪورٽ 2-3 جي اڪثريت سان ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ۽ 3 ججن بدلي کي آئيني قرار ڏنو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته سرفراز ڊوگر قائم مقام چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طور ڪم جاري رکندو.
ياد رهي ته صدر طرفان ٻين هاءِ ڪورٽن مان ججن جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن سينيارٽي واري معاملي تي هلندڙ سال 20 فيبروري تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.
انهن ججن ۾ جسٽس سرفراز ڊوگر، جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس خادم حسين سومرو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرانسفر ٿيا هئا.

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو