”ڪانٽا لَگا“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ شيفالي جو ڪُمهلو وڇوڙو، گذريل رات سيڪيورٽي گارڊ ڇا ڏٺو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رئيليٽي ٽي وي اسٽار ۽ 2002ع جي مشهور ريمڪس گيت ”ڪانٽا لڳا“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ گلوڪارا، ماڊل ۽ اداڪارا شيفالي جريوالا 42 ورهين جي عمر ۾ ديهانت ڪري وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب، شيفالي کي گذريل رات اوچتو ۾ دل تڪليف محسوس ٿي جنهن کي دل جو دورو قرار ڏنو ويو ۽ کيس ترت اسپتال نيو ويو، پر اسپتال پهچڻ تي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
اداڪارا جي اوچتي لاڏاڻي شوبز انڊسٽري سميت مداحن کي به ڌوڏي ڇڏيو آهي، چاهيندڙ سندس ڪُمهلي موت تي صدمي ۾ آهن ۽ کين يقين نه ٿو اچي ته هڪ ڀرپور جيون اوچتو ڪيئن خاموش ٿي سگهي ٿو؟
شيفالي جي رهائشي ڪالوني جي سيڪيورٽي گارڊ جو بيان
شيفالي جي رهائشي سوسائيٽيءَ جي سيڪيورٽي گارڊ شتروگھن ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”رات اٽڪل ساڍي ڏهين وڳي کيس اسپتال نيو ويو، ان کان اڳ رات جو نائين وڳي شيفالي جي مڙس پيرگ تياگي موٽرسائيڪل تي آيو هو ۽ مون هن لاءِ گيٽ کوليو هو.“
گارڊ موجب، هن ٻه ڏينهن اڳ به شيفالي ۽ سندس مڙس پنهنجي پالتو ڪتي ساڻ سوسائيٽي پسار ڪندي ڏٺو هو.
هن ٻڌايو ته ”جڏهن شيفالي کي اسپتال نيو ويو، ان دوران فارنزڪ ٽيمون ۽ پوليس اچي وئي، سندن گهر ٻاهران ٻن موبائيل فارنزڪ گاڏين جي موجودگي رات کان موجود آهن.“
شيفالي جي بيماري ۽ ماضيءَ جا انڪشاف
ميڊيا رپورٽن موجب، شيفالي اڳ به صحت جي مسئلن جو شڪار رهي هئي.
هڪ انٽرويوءَ دورانهن ٻڌايو هو ته ”15 ورهين جي عمر ۾ کيس پهريون ڀيرو مرگهيءَ جو دورو پيو هو، ان وقت مٿس پڙهائي ۽ امتحانن جو تمام وڏو وڏو دٻاءُ هو.“
شهرت جو سفر
شيفالي 2002ع ماضيءَ جي مشهور گيت ” ڪانٽا لَگا“ جي ريمڪس ذريعي شيفالي رات پيٽ ۾ پاپ ڪلچر جي آئيڪون بڻجي وئي. ان کانپوءِ هن ”نچ بليئي“ ۽ بِگ باس “ 13 جهڙن ٽي وي شوز ۾ اميدوار طور ڀيرو ورتو.
” دنيا ۾ رڳو هڪ ئي ڪانٽا گرل آهي ۽ اُها مان آهيان“
اُها ڇوڪري جنهن چيو هو ته ” دنيا ۾ رڳو هڪ ئي ڪانٽا گرل آهي ۽ اُها مان آهيان“ اڄ اوچتو خاموشيءَ سان دنيا کي الوداع چئي هلي وئي.
شيفالي گذريل ڏينهن ممبئيءَ ۾ آخري ساهه کنيو.
فلمي رسالي ” فلم فيئر “ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ” شيفالي کي 27 جون جي رات ممبئي جي علائقي انڌريءَ جي بيليوو ملٽي اسپيشلٽي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
مقامي صحافين جو چوڻ آهي ته” شيفالي کي سندس مڙس اسپتال کڻي آيو، پر پهچڻ تي عملي ٻڌايو ته شيفالي ديهانت ڪري چڪي آهي.“
ڀارتي صحافي وڪي لالواڻي انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته ” اسپتال جي آر ايم او ۽ دل جي مهارن ڊاڪٽر وجئه لال مريض بابت ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر ساڳي اسپتال جي ڊاڪٽر سوشانت موت جي تصديق ڪندي چيو ته سندس مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ ڪوپر اسپتال نيو پيو وڃي. “
شيفالي جي موت جو حتمي ڪارڻ اڃا سامهون ناهي آيو، جنهن جي تصديق پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ٿيندي.