ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر تي لڄالٽ جو الزام، پئسا نه ڌيءَ لاءِ انصاف گهرجي: ماءُ جو مطالبو

Spread the love

ڪنگسٽن (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي هڪ رانديگر مٿان عورت سان جنسي زيادتي الزام لڳايو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مبينا زيادتي جو واقعو مارچ 2023ع ۾ پيش آيو، جڏهن ته پوليس ڪرڪيٽر کي ضمانت تي ڇڏي ڏنو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪرڪيٽر جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اهڙي قسم جي خبرن جي تصديق يا ترديد ڪئي وئي آهي.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز جو چوڻ آهي ته ”اسان سان اڃا تائين ڪنهن به ڌر رابطو نه ڪيو آهي، تنهنڪري في الحال ان معاملي تي تبصرو نٿا ڪري سگهون.“
ٻئي پاسي متاثر عورت جي ماءُ جاچ ادارن تي الزام لڳائيندي چيو آهي هو معاملي جي صحيح نموني ڇنڊڇاڻ ناهن ڪري رهيا.
سندس چوڻ هو ته ” اسان کي پئسا نه پنهنجي ڌيءَ لاءِ انصاف گهرجي.“
واضح رهي ته ان واقعي بابت جاچ جاري آهي، جڏهن ته عوام ۽ ميڊيا طرفان متاثر ناريءَ سانانصاف جو مطالبو ڪيو وڃي.

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو