ننڍن ۽ وچولي ڪاروباري ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان نواب شاھ ۾ پروگرام منعقد
نواب شاھ ( رپورٽ:عبدالفتاح رند) ڳوٺ سينگار فا ئونڊيشن طرفان يورپي يونين ،پي پي اي ايف ۽ انٽر نيشنل ٽريڊ سينٽر جي تعاون سان ننڍن ۽ وچولي ڪاروباري ماڻهن sme جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايڇ ايم خواجه آڊيٽوريم ھال نواب شاھ ۾ پروگرام ٿي گذريو. جنهن ۾ گورنمينٽ جي نمائندن ،
ڪاروباري ماڻهن ،سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ مختلف ڳوٺن مان آيل ننڍن ڪاروباري ماڻهن وڏي تعداد ۾شرڪت ڪئي ان موقعي تي جي ايس ايف جي گراسپ پروجيڪٽ جي مئنيجر جاويد علي شاھ چيو ته اڄ پوري دنيا ۾ ننڍن ۽وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن جو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي.اسنٽنٽ ڪمشنر گل فيصل خطاب ڪندي چيو ته ھي تمام سٺي ڳالهه آهي ته جي ايس ايف ننڍن ۽ وچولي ڪاروبار ماڻهن جو ڏھاڙو ملھايو آهي اسان کي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا ته جيئن ماڻهو معاشي طور مضبوط ٿين.
ان ڏھاڙي جي ملھائڻ جو مقصد ننڍن ڪاروباري ماڻهن جي ھمت افزائي ڪرڻ آهي ته جيئن ھو پنھنجي ڪاروبار کي جديد طريقن ۽ ويليو ايڊيشن تي کڻي اچن پروگرام کي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر اعجاز احمد لغاري خطاب ڪندي چيو ته اڄڪلھ گورنمينٽ جون نوڪريون ملڻ مشڪل آهي ان لاءِ ماڻهن کي جديد ڪاروبار طرف اچڻو پوندو. پروگرام ۾ ضلعي پاپوليشن ويلفيئر آفيسر رياض احمد شر، ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر رياض شاھ، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي مرتضا گوھر،ليبر ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر احمد دين اڄڻ ھاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر اڪرم خاصخيلي ،اين ڊي ايف جي طارق حسين چنڙ، ايڊووڪيٽ لعلچند لوھاڻو ،
محمد ياسين تنيو ،محسن علي جلباڻي، ياسين خاصخيلي ۽ ايس ايم اي عبداللطيف ڳالھائيندي چيو ته دنيا جي ڪيترائي ملڪ معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن ان لاءِ اسان کي پنهنجي ماڻهن کي ڪاروبار طرف وٺي اچڻو پوندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ انب، ڪيلو کجور ،ٽماٽو،بصر ۽ چوپايو مال جي ڪاروبار کي اوليت ڏيڻي پوندي ۽ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجي ڪاروبار جي ڊجيٽل مارڪيٽنگ ڪرڻي پوندي.
ھنن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي به ملڪ ۾ ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا ۽ ڪاروباري ماڻهن کي گرانٽ ۽ بنا وياج قرض جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا بھتر پاليسي ٺاھڻ گھرجي. ان موقعي تي اين ڊي ايف يو مائڪرو فنانس بئنڪ ،زيبيسٽ ۽ ڪاروباري، ماڻهن شير علي کچي، عبدالمالڪ بروھي ،۽ ٻين پنهنجي ڪاروبار جا اسٽال لڳايا. آخر ۾ معزز مهمانن اسٽالن جي وزٽ ڪئي
جُون 27, 2025