نوابشاهه ۾ محرم الحرام لاءِ امن امان بابت اجلاس، مذهبي هم آهنگي تي زور
نواب شاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ محرم الحرام دوران ضلعي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ امن ڪميٽي جي ميمبرن جو ھڪ اجلاس ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي چيو ته شهيد بينظير آباد ضلعو هميشه پرامن رھيو آھي،
جنهن کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني مذهبي جماعتن ۽ امن ڪميٽي جي ميمبرن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جق منتظمين وقت جي پابندي سان پروگرام منعقد ڪن. اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد شبير احمد سيٺار چيو ته محرم الحرام دوران ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
سڀني مذهبي پروگرامن، خاص طور تي ماتمي جلوسن تي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ايس ايس پي امن ڪميٽي جي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي محرم الحرام جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ۽ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس سان تعاون ڪيو وڃي ته جيئن محرم الحرام جا ڏينهن پرامن طريقي سان گذري سگهجن. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته امن ۽ امان ۾ خلل وجھندڙ ۽ فساد پيدا ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ امن ڪميٽي جي ميمبرن ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
جُون 27, 2025