ڊائريڪٽر بيت المال عبدالحفيظ مهييسر جو سوئيٽ هوم نوابشاهه جو دورو، سهولتن تي اطمينان جو اظهار
نوابشاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند) پاڪستان بيت المال سنڌ جي ڊائريڪٽر عبدالحفيظ مهيسر اڄ سوئيٽ هوم نوابشاهه جو تفصيلي دورو ڪيو.دوري جو مقصد اداري ۾ رهندڙ يتيم ۽ بي سهارا ٻارن کي ڏني ويندڙ تعليمي، طبي، رهائشي ۽ تفريحي سهولتن جو جائزو وٺڻ هو. انھي موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال شهزادو جسڪاني ڊائريڪٽر کي ادارو جي انتظام، ٻارن جي روزاني سرگرمين،
تعليمي نظام ۽ ٻين سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته سوئيٽ هوم نوابشاهه ۾ ٻارن کي مڪمل تحفظ، پيار ۽ سهولتن سان گڏ هڪ گهرو ماحول فراهم ڪيو وڃي ٿو، جتي هو سک سان رهن ۽ بهتر مستقبل لاءِ تيار ٿين.انھي موقعي تي عبدالحفيظ مهييسر چيو ته مان اڄ پهريون ڀيرو سوئيٽ ھوم پهتو آھيان ۽ مان هتي اچي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي ته سوئيٽ هوم نوابشاهه واقعي هڪ مثالي سينٽر آهي، جتي ٻارن لاءِ بهترين سهولتون، تعليمي ماحول ۽ تحفظ موجود آهي. اداري جي عمارت کان وٺي انتظامي عملو سڀ قابل تعريف آهي
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان بيت المال اهڙن ادارن جي مڪمل سرپرستي جاري رکندو ته جيئن سماج جي انهن ٻارن کي به ساڳيا حق ۽ موقعا ملي سگهن جيڪي ٻين ٻارن کي حاصل آهن.دوري جي آخر ۾ عبدالحفيظ مهييسر سوئيٽ هوم جي لان ۾ نم جو وڻ پڻ لڳايو، جيڪو سرسبز سنڌ ۽ ماحول دوست قدم طور ڏٺو ويو.جڏھن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شهزادو جسڪاني پاران مهمان کي سنڌ جي ثقافت جي نمائندگي طور اجرڪ ۽ سندهي ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو،
جُون 27, 2025