سنڌ ۾ تبديلي لاءِ رول ماڊل اقتداري ڪردار جي ضرورت

گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان مٿي سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي اقتدار مليو آھي،بنا ڪنهن وقفي جي 15 سالن کان مٿي اقتداري طاقت هوندي مناسب ۽ باقاعدگي سان عوامي مقصدن پٽاندڙ ڪم نه ٿيڻ سياسي ۽ عوامي ناڪامي جو ثبوت چئجي ته غلط نه ٿيندو.ان جي باوجود پيپلز پارٽي جي اقتداري ۽ سياسي قيادت کي باقاعدگي سان ذميوار ايئن ذميوار قرار ڏيڻ ته هنن سنڌ ۾ ڪجهھ ناهي ڪيو ته به غلط ۽ نامناسب ٿيندو.پيپلز پارٽي جي سياسي قيادت جيڪو عوامي ڪم سنڌ ۾ عوامي سهولتن لاءِ ڪيو آھي ان کي هو عوامي تشھير طور سامهون ناهي آڻي سگهي.۽ مسلسل اقتدار جو ملڻ ۽ سامهون سياسي مقابلي باز نه هجڻ سبب به پيپلز پارٽي جتي سياسي ۽ عوامي ڪمن ۾ ظاهري طور سست نظر اچي ٿي،اتي سندس سياسي مقابلي باز به اوترا سياسي،عوامي ۽ پارلياماني طور ڊوڙ ۾پيپلز پارٽي جي موجوده مرڪزي قيادت جي سياسي حڪمتي عملي سبب ناڪام رهيا آھن.
سنڌ ۾ عوامي آدرشن،عوامي مقصدن ۽ عوامي تبديلي لاءِ هڪ رول ماڊل هڪ پارلياماني۽ اقتداري ڪردار کپي ٿو.سنڌ، جيڪا تاريخي،ثقافتي ۽ سياسي لحاظ کان الڳ سڃاڻپ رکندڙ ڌرتي آهي،هميشه عوامي حقن، سماجي انصاف ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪندي آئي آهي. موجوده سياسي،اقتصادي ۽ انتظامي بحرانن جي روشنيءَ ۾ سنڌ لاءِ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته هو نه رڳو نظرياتي ۽ انقلابي سوچ سان پاڻ کي سنوارين، پر حڪومتي اقتدار جي واڳ پڻ پنهنجي هٿن ۾ وٺي، ته جيئن آدرشن کي عمل جي صورت ڏئي سگهجي.
سنڌ ۾ انقلابي سوچ جو مطلب تشدد نه،پر عوام جي ذهني،معاشي ۽ سياسي آزاديءَ جي تحريڪ آهي. هي انقلاب تعليم، شعور، حقن جي سڃاڻپ ۽ اخلاقي بيداري تي ٻڌل هجڻ گهرجي.سنڌ جي نوجوانن ۽ سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته هو انقلابي فڪر کي سماجي تنظيم ۽ هم آهنگيءَ ذريعي اڳتي وڌائين.ان سلسلي ۾ ڪجھ مشورا هي ڏجن ٿا.تعليمي ادارن ۾ تنقيدي ۽ سجاڳ فڪر کي هٿي ڏجي.سنڌي عوام ۾ سياسي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ مڪاني سطح تي عوامي ميڙاڪا ۽ مباحثا منعقد ڪيا وڃن.ترقي پسند ادب، صحافت ۽ ميڊيا کي عوامي شعور لاءِ استعمال ڪيو وڃي.جنهن لاءِ ورڪرز کان ويندي قيادت لاءِ هڪ باوقار ۽ عوامي بااخلاق ڪردار هجڻ ضروري آھي جنهن کي هڪ نموني طور سامهون پيش ڪجي ته هن ۾ سياسي ۽ عوامي ڪردار جي عڪاسي هجڻ لازمي آھي. سنڌ سدائين آدرشن جي سرزمين رهي آهي،جتي برابري، آزادي ۽ سماجي انصاف کي اهميت ڏني وئي آهي.پر آدرش صرف خوابن ۾ نه،عمل ۾ اچڻ ضروري ٿي پيو آھي. ان لاءِ ادارن،پارليامينٽ ۽ حڪومت ۾ سنڌ جي نمائندگي،شفافيت ۽ فيصلا سازيءَ ۾ حصو لازمي آهي.
ان لاءِ ھيٺين ڳالهين تي عمل هجڻ يا ٿيڻ ضروري آھي.
سياسي پارٽيون پنهنجي منشور ۾ سنڌي عوام جي حقيقي مسئلن کي اوليت ڏين.نوجوان اڳواڻن کي اڳتي آڻڻ لاءِ سياسي تربيت جا ادارا قائم ڪيا وڃن.
انساني حقن،وسيلن جي تقسيم ۽ خودمختياري جي اصولن کي قانون سازيءَ ذريعي مضبوط ڪيو وڃي.
ڪردار سازي جو فائدو ۽ خاص طور تي پارلياماني نظام ۾ يا اليڪشني نظام ۾ يقين رکندڙ فورمز يا قيادتن کي هڪ بهترين عوامي ۽ اقتداري ڪردار جي ضرورت هوندي آھي جيڪو پارليامينٽ ۾ پهچي اقتداري ڪاريڊور ۾ عوامي مقصدن لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي.ان ڪردار جي اڃا تائين گهڻي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.جيڪو عوامي اهنجن ۽ مقصدن جي حاصلات لاءِ اهم عوامي انقلابي ڪردار طور سامهون اچي.ان لاءِ ئي اهو چئجي ٿو ته هنن حالتن ۾ هڪ اهم اقتداري ڪردار جي ضرورت آھي. ڇو ته بغير اقتدار جي، ڪا به قوم پنهنجي آدرشن ۽ مقصدن کي حاصل نه ٿي ڪري سگهي.سنڌ کي مرڪزي حڪومت، وفاقي ادارن ۽ بين الاقوامي فورمن تي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ انتظامي طاقت جي ضرورت آهي.سنڌ کي مالي، انتظامي ۽ سياسي خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ آئيني جدوجهد جاري رکڻ گهرجي.ڇو ته هن وقت ظاهري طور سنڌ جو اقتدار بلڪل به سنڌي عوام جي چونڊيل عوامي نمائيندن وٽ ضرور نظر اچي ٿو،جنهن کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي ۽ سو فيصد انهن کي ذميوار به نٿو قرار ڏئي سگهجي پر جيڪو مناسب،عوامي ۽ اقتداري طاقت جو تازن هوندي هڪ عوامي مقصدن لاءِ ڪردار ادا ٿيڻ کپي ها سو ادا ناهي ٿي سگهيو.
توڻي جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت،عوامي نمائيندن ۽ پارٽي کي مسلسل ڏيڍ ڏهاڪي کان سنڌ ۾ موقعو ملندو آيو آھي.سنڌ صوبي جي عوامي ۽ صوبائي وسيلن جي نگراني،مالڪي يا عوامي سنڀال جيڪا ٿيڻ کپي ها سا هن وقت تائين ناهي ٿي سگهي.ان لاءِ هڪ طاقتور عوامي ۽ اقتداري ڪردار جي ضرورت آھي.جيڪو سنڌ جي وسيلن (پاڻي، گئس، تيل، ڪوئلو) تي مقامي اختيار قائم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي.ان لاءِ جيترو ٿي سگهي پارلياماني پارٽين ۽ عوامي قيادتن کي پنهنجي چونڊيل پارلياماني نمائندن لاءِ پارليامينٽ ۾ سنڌ جي نمائندن کي فعال ۽ عوام دوست بڻائڻ لاءِ جوابدهيءَ جو نظام لاڳو ڪيو وڃي.پارلياماني ڪردار جي اهميت تي زور ڏيڻ سياسي قيادتن جو هڪ اهم مقصد طور هجڻ گهرجي.سنڌ جي سياسي نمائندگيءَ جو حقيقي ميدان پارليامينٽ آهي،جتي قانونسازي ۽ وسيلن جي ورڇ بابت فيصلا ٿين ٿا. جيڪڏهن سنڌ جا چونڊيل نمائندا قومي مفادن سان گڏ صوبائي حقن لاءِ مؤثر آواز نه بڻجندا ته آدرش هميشه نظرانداز ٿيندا.ان لاءِ آدرشن،عوامي حقن ۽ سياسي توڙي وسيلن جي مقصدن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ اولين فرض هجڻ عوامي نمائيندن لاءِ ضروري آھي.پارليامينٽ ۾ انهن عوامي نمائندن لاءِ پاليسي ساز تجويزن تي ڪم ڪندڙ ٿنڪ ٽئنڪ قائم ڪيا وڃن.جيڪي انهن کي اهي فارمولا ۽ ڏس ڏين جنهن سان عوامي مقصدن کي حاصلات ۾ ۽ عوامي چونڊيل نمائندا اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.ان کان علاوه هر چونڊيل نمائندي لاءِ پنهنجي تڪ جي مسئلن جي رپورٽنگ جو نظام هجڻ ضروري آھي.سياسي جماعتون ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊن ۾ اميدوار سامهون آڻين.سنڌ لاءِ انقلابي سوچ، آدرشن تي ايمان ۽ عوامي مقصدن جي حاصلات جو رستو صرف نعرا بازيءَ ۽ احتجاج نه،پر اقتداري ۽ پارلياماني ڪردار جي ذريعي هموار ٿي سگهي ٿو.هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا نوجوان،دانشور، سياسي اڳواڻ ۽ عام ماڻهو گڏجي پنهنجي مستقبل لاءِ حڪمت عملي جوڙين،ته جيئن نه صرف تاريخ پر ايندڙ نسل به فخر ڪري سگهي ته “اسان سنڌ کي پنهنجن هٿن سان سنواريو.”
هن وقت صدر پاڪستان آصف علي خان زرداري جنهن پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ اقتداري ۽ پارلياماني حڪمتي عملي سان پارٽي کي جنهن نموني محفوظ رکيو ٿو اچي ۽ سياسي طور ملڪي سطح تي نوجوان سرگرم قيادت ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو،ان بنياد تي اها اميد رکي سگهجي ٿي ته سنڌ ۾ هڪ عوامي مقصدن ۽ سياسي عوامي ۽ اقتداري فائدا ملڻ وقت جي اهم ضرورت آھي.ڇو ته عوامي،جهموري،پارلياماني ۽ اقتداري قيادتن جو فرض ٿو ٿئي ته عوامي مقصدن لاءِ هو عوامي اعتماد بحال لاءِ ڪردار ادا ڪن.هن وقت سنڌ ۾ عوامي مقصدن جي حاصلات لاءِ سڀني عوامي ۽ سياسي قيادتن کي کپي ته هو پنهنجو اهم ڪردار جيڪو عوامي فائدي ۽عوامي حقن لاءِ هجي ادا ڪن.انهيءَ سموري سياسي صورتحال ۽ پارلياماني جوڙ توڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ موجوده سنڌ ۾ اقتدري طاقت تي ويٺل ٽيم جي اهم زميواري آھي ته هو عوامي ۽ اقتداري ڪردار ادا ڪن جنهن سان عوام جو اعتماد ۽ قيادت جو يقين پختو ٿي بيهي.ان لاءِ ضروري آھي ته مٿين ڳالهين کي پاڻ تي لاڳو ڪرڻو پوندو.
جُون 27, 2025