اسلام ڪوٽ ۾ ٺيڪيدار نواز سومرو جي گرفتاري تي وارثن جو احتجاج، پوليس تي ڪوڙو منشيات ڪيس داخل ڪرڻ جو الزام

Spread the love

اسلام ڪوٽ (رپورٽ :احمدعلي سانگي )لڪي ڪنسيڪشن ڪمپني جو مالڪ اسلام ڪوٽ جو مشهور  ٺيڪيدار پوليس هٿان کنڀجي ويو،ٺيڪيدار  نواز سومري کي چوهڙ جمالي  پوليس گرفتار ڪرڻ بعد  750  گرام چرس هٿ اچڻ جي دعوي ڪندي ڪيس داخل ڪري چالان ڪري ڇڏيو،وارثن جو احتجاج،پوليس تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو الزام،

تفصيل موجب:ٿرپارڪر جو مشهور ٺيڪيدار ۽ لڪي ڪنسيڪشن ڪمپني جي مالڪ  نواز سومرو کي چوهڙ جمالي جي پوليس اسلام ڪوٽ مان گرفتار ڪري چرس جي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس کي گشت دوران روڊ تي هڪ شڪي ماڻهو نظر آيو تلاشي وٺڻ دوران هن جي شلوار جي جيب مان 750 گرام چرس هٿ آيو ۽ جوابدار عادي ڇرس وڪرو ڪندڙ آهي،هوڏانهن  ٺيڪيدار نواز سومرو جي گرفتاري توڙي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف وارثن ۽ دوستن جي پاران  رضوان نواز سومرو،

ميانداد،نور محمد،يار محمد،رشيد بجير جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري  سخت نعريبازي ڪئي ويئي،انهي موقعي تي نواز سومرو جي پٽ رضوان نواز ڳالهائيندي چيو ته منهنجو والد نواز سومرو مشهور ٺيڪيدار لڪي ڪنسيڪشن ڪمپني جو مالڪ آهي جيڪو ٿرڪول جي مختلف منصوبن تي ٺيڪيداري ڪندڙ آهي،

گذريل رات  اسلام ڪوٽ ۾ قائم  آفيس تي ڪم ڪار مان فارغ ٿي بابا پنهنجي گهر ڏانهن اچي رهيو هو ته آفيس جي ويجهو ئي تاڙ ۾ بيٺل پوليس گاڏي روڪي گاڏي مان لاهي زبردستي  پاڻ سان گڏ کڻي ويئي اسان سڄي رات مختلف ٿاڻن تان پڇا ڪندا رهياسين ضلعي پوليس سان به رابطو ڪيو پر ڪٿي به ڏس پتو نه مليو مقامي پوليس گرفتاري کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي رهي 15 ڪلاڪ گذرڻ بعد نيٺ هن جي  چوهڙ جمالي پوليس گرفتاري  ظاهر ڪئي ۽  چرس هٿ اچڻ  جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،هن وڌيڪ چيو ته ڪيڏي نه شرم جي ڳالھ آهي جو منهنجو بابا نيڪ نمازي هڪ شريف انسان آهي، 

هر ماڻهو کي خبر آهي  ته  نواز سومرو ايماندار ٺيڪيدار سان گڏ نيڪ نمازي پڻ آهي  اۡنهي جي خلاف  750 گرام  چرس هٿ اچڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري پوليس ڪنهن بااثر جي ونگار وهي رهي آهي،ڪوڙ جي به انتها ڪئي پئي وڃي منهنجي بابا کي گرفتار اسلام ڪوٽ ۾ آفيس وٽان ڪيو ويو ۽ ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن کي چوهڙ جمالي جي هڪ درگاھ ڀرسان روڊ تي بيٺل ڏسي گرفتار ڪيو آهي اسان اهڙي ناانصافي خلاف  عدالت جو در کڙڪائينداسين  هنن چيو ته اسان آء جي سنڌَ ۽ ڊي آء جي ميرپورخاص پوليس کان مطالبو  ڪندي گهر ٿا ڪريون ته  نوٽيس وٺي داخل ٿيل  ڪوڙي ڪيس کي ختم ڪرايو وڃي  ٻي صورت ۾َسخت احتجاج ڪيو ويندو.

جُون 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو