زبير احمد ڀيو پيپلز هاري ڪاميٽي سکر ڊويزن جو صدر چونڊجي ويو، اڳواڻن پاران مبارڪباد

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد  گل  ڪلوڙ)پيپلز هاري ڪاميٽي سکر ڊويزن جي نو منتخب صدر زبير احمد ڀيو کي مبارڪباد خبر موجب  پيپلز ليبر بيورو سکر ڊويزن جي صدر غلام اڪبر چانڊيو،

سکر سٽي جي صدر لالا سيف خان، ۽ پيپلز ليبر بيورو سکر جي اڳواڻن زاهد لاشاري ۽ ممتاز کوسو پاران زبير احمد ڀيو کي پيپلز هاري ڪاميٽي سکر ڊويزن جو صدر چونڊجڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي زبير احمد ڀيو کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ سندن قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو.

رهنمائن اميد ظاهر ڪئي ته زبير احمد ڀيو هارين جي مسئلن کي اجاگر ڪري، انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ ٿيا، جن خوشيءَ جو اظهار ڪندي پارٽي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. تقريب خوشگوار ماحول ۾ پورو ٿي.

جُون 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو