دادو ۾ نياڻي پارس سولنگي جي مبينا اغوا خلاف وارثن جو آهون ڀري احتجاج، انصاف نه ملڻ تي پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو: نوجوان نياڻي جي مبينا اغوا خلاف وارثن جو احتجاج، انصاف نه ملڻ تي پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي دادو جي پيربخش ڪالوني جي رهواسي عورتن پاران نوجوان نياڻي پارس سولنگي جي مبينا اغوا خلاف دادو پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪيو ويو، جتي متاثر خاندان ميڊيا اڳيان داهيندي اي سيڪشن پوليس جي بي حسي تي سخت احتجاج ظاهر ڪيو احتجاج دوران ناري جي ڏاڏي خانزادي سولنگي، سندس پيءُ اڪبر سولنگي،
ماءُ صاحبزادي سولنگي، ڀيڻ عارفه سولنگي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته 17 جون 2025 تي سندن نياڻي پارس سولنگي جيڪا گهر ۾ پورهيو ڪندڙ هئي، روزمره وانگر صبح جو گهران ڪم تي نڪتي، پر ان ڏينهن کان وٺي هوءَ واپس نه آئي آهي. متاثر خاندان جو چوڻ هو ته انهن کي خدشو آهي ته اڻڄاتل ماڻهن پارس سولنگي کي زنا جي ارادي سان اغوا ڪيو آهي،
جڏهن ته اڄ تائين سندس ڪا به ڄاڻ يا خبر ناهي. اسان کي خبر ئي ناهي ته هوءَ زنده آهي يا مارجي وئي آهي، هنن ٻڌايو ته پارس جي اغوا بابت رپورٽ دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي، پر پوليس جي طرفان ڪا به سنجيده ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي پارس جي والدين ۽ ڀينرن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان روئندي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي آهي ته سندن نياڻي جي ڳولا ۾ فوري مدد ڪئي وڃي، اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي، ۽ پارس کي ظاهر ڪري خاندان حوالي ڪيو وڃي احتجاج ڪندڙن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن جلد انصاف نه مليو ته اسين گهر ڀاتي دادو پريس ڪلب آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينداسين،
جُون 26, 2025